سکر

مسلم ليگ ن جي آفيس کي باهه ڏيڻ آمريت جي نشاني آهي: پاڪستان مسلم ليگ (ن)

PMLN Office burntسکر (بيورو رپورٽ) ڪوٽڙيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي آفيس کي ساڙڻ جي خلاف شڪارپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري امام الدين کوسو، اڳوڻو سيڪريٽري انفارمشين دلاور خان، اڳوڻ سٽي صدر سعيد حسين مغل، رمضان ڪمبوه ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪوٽڙيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي آفيس کي باهه ڏيڻ آمريت جي نشاني آهي، جمهوريت جي نالي تي حڪمرانن اٺن سالن واري آمريت جا رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته حڪمران عوام کي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻائي ڪري انهن کي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جو حق به ڇنڻ چاهي ٿي. ملڪ جي 8 1 ڪروڙ عوام مهانگائيءَ جي سوليءَ تي ٽنگيو ويو آهي. قوم جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي، فيصلو هاڻي عوامي عدالتن ۾ ٿيندو، هنن چيو ته هن دور حڪومت ۾ عوام بنيادي سهولتن کان به محروم ٿي چڪو آهي. جڏهن ته حڪمران ٽولو ڦر، لٽ جي سياست ۽ ڪرپشن سان پنهنجا کيسا ڀري رهيا آهن ۽ لاهور ۾ ٿيل جلسي حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button