سکر

محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي بدولت اڄ ملڪ ۾ جمهوريت زنده آهي: نويد قمر

Naveed Qamarسکر ( بيورورپورٽ) پاڻي ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير نويد قمر چيو آهي ته محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي بدولت اڄ ملڪ ۾ جمهوريت زنده آهي بيگم نصرت ڀٽو فوجي ڊڪٽيٽر جي سامهون جمهوريت جي آزادي جي سلسلي ۾ ڄمي ڪري مقابلو ڪيو، جمهوريت پاڪستان لاءِ ڀٽو خاندان جون لازوال قربانين تي ڪڏهن فراموش نٿو ڪري سگهجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش روانگي بعد سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، بجليءَ جي فراهمي جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن ۾ بهتري آئي آهي، هن وقت پاڪستان ۾ بجليءَ جي فراهمي ۽ پبلڪ ڊمانڊ ٻئي برابر آهن. هن چيو ته گرمين ۾ 8 1 کان 9 1 هزار ميگا واٽ بجلي جي اشد ضرورت پيش ايندي آهي، عالمي منڊين ۾ خام تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات جا ريٽ وڌڻ ڪري پاڪستان ۾ بجليءَ جا ريٽ وڌايا ويندا آهن هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سنجيده آهي ۽ ان کي ملڪي بحرانن جو بخوبي اندازو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ عوامي پارٽي آهي ۽ هن پنهنجي عوام جي فلاح ۽ بهبود ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ بيشمار قربانيون پيش ڪيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button