ڪراچي

قذافي جو قتل لبيا جي تيل مٿان قبضي جي آمريڪي سازش آهي..اسدالله ڀٽو

gaddafiڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته ڪرنل قذافي جو قتل لبيا جي تيل مٿان قبضي جي آمريڪي سازش آهي.قذافي ڀٽو فيملي جو محسن هو.پاڪستان ۾ قائم ڀٽو فيملي جي حڪومت جو پنهنجي محسن قذافي کي آمريڪي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي.حڪمران آمريڪي غلامي مان نڪري اي پي سي ۽ پارليامينٽ جي قراردادن جي روشني ۾ پنهنجون ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيون جوڙين.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ قبا آڊيٽوريم ۾ ملاقات ڪندڙ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته لبيا هڪ اهڙو مسلمان ملڪ آهي جيڪو تيل جي دولت سان مالامال آهي،هن وقت آمريڪا ۽ ان جا اتحادي اولهه وارا ملڪ تيل جي وسيلن تي سڄي دنيا ۾ قبضي جون سازشون ڪري رهيا آهن.هن کان اڳ ۾ آمريڪا ڪويت ۽ عراق مٿان تيل حاصل ڪرڻ لاءِ حملو ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي لبيا مٿان حملي جو مقصد به ان جي تيل واري دولت تي قابض ٿيڻ آهي.آمريڪا سموري دنيا ۾ پنهنجي مذموم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ڪري رهيو آهي تازو واقعو پڻ آمريڪي دهشتگردي جو بدترين مثال آهي.قذافي مٿان حملي ۾ اقوام متحده جو آمريڪي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ افسوس ناڪ ڳالهه آهي.لبيا هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ آهي ان جي جاگرافيائي حدن مٿان حملو مذمت جوڳو عمل آهي.لبيا ۾ باغين کي آمريڪي امداد جي فراهمي عالمي دهشتگردي جو بدترين مثال آهي.آمريڪا هميشه پنهنجن من پسند حڪمرانن کي اقتدار ڏياري مذموم مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ئي قتل ڪرائيندو رهيو آهي.تاريخ گواهه آهي ته جن آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو ۽ ان جي خون خوار پالسيسن خلاف آواز بلند ڪيو تن جو آمريڪا وار به ونگو نه ڪري سگهيو آهي.وينزويلا جو شاهه ويز ۽ ايران جو احمدي نجاد ان جا اڄ به زنده مثال موجود آهن.انڪري حڪمران ڌارين جا ڳيجهو بڻجڻ ۽ آمريڪي غلامي مان نجات حاصل ڪري قومي مفادن ۽ عوامي امنگن مطابق پالسيون جوڙين،ان کان علاوه آمريڪي جارحيت کان بچڻ جو ٻيو ڪو به رستو ڪو نه آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button