شڪارپور

فرسٽ ايئر جو شاگرد حادثي ۾ فوت

nadeem gul s o saleem gul شڪارپور : (وحيد ڦلپوٽو) فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ويندي تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت تفصيل موجب ميراڻي محله جو رهاڪو فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه ولد سليم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ڊگري ڪاليج وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين علائقي جي ماڻهن کيس اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو سندس لاش گهر پهچڻ تي سندس ماءُ ، پيءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا علائقي ۾ سوڳ وارو ڪيفيت ڇانيل رهي جڏهن ته ٻئي طرف ٽرالر ڊرائيور سني گل آفريدي کي ٽرالر سميت علائقي وارن پڪڙي ڪري پوليس حوالي ڪيو جڏهن ته آخري اطلاعن مطابق اهڙي واقعي جو اڄان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ئي سگهيو هو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button