ضلعي جي ٽيڪنيڪل ادارن کي ٽرانسپورٽ سان گڏو گڏ سموريون گھربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون: صوبائي وزير صادق علي ميمڻ
ٺٽو: صوبائي وزير جيل خانه صادق علي ميمڻ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي جي ٽيڪنيڪل ادارن کي ڪوششون وٺي هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪيون وينديون ۽ ان ڏس ۾ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ٽرانسپورٽ سان گڏو گڏ سموريون گھربل سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون ته جيئن غريب شاگرد آساني سان تعليم حاصل ڪري سگھن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ مڪلي (ٺٽو) ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) پاران منعقد ڪيل هڪ ڪوسٽر ڏيڻ واري تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده جھموري حڪومت عوام جي ڀلائي ۾ يقين رکي ٿي ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته تعليمي ادارن کي اوليت جي بنياد تي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد اڳتي اچي ملڪ توڙي سنڌ ۽ پنهنجي ضلعي جو نالو روشن ڪري سگھن. صوبائي وزير چيو ته هي مقابلي جو دور آهي ۽ شاگردن کي گھرجي ته هو سياسي سفارشن جي آڙ ۾ صرف داخلائون وٺڻ بجاءِ محنت ڪري پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بنائين ۽ صلاحيتن جي بنياد تي داخلائون وٺن. هن چيو ته ٺٽي ضلعي جي نوجوانن کي گھرجي ته هو ٽيڪنيڪل تعليم طرف ڌيان ڏين ۽ حڪومت پاران مهيا ٿيندڙ سهوليتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالواحد عقيلي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي هر سطح تي ڪوشش آهي ته ٽيڪنيڪل ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ان ڏس ۾ پوري سنڌ ۾ قائم ٽيڪنيڪل ادارن کي ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي پيئي وڃي، جنهن جي شروعات اڄ ضلعي ٺٽي جي ٽيڪنيڪل ڪاليج کي هڪ ڪوسٽر ڏئي افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ جلد سنڌ جي ٻين ٽيڪنيڪل ادارن کي پڻ اهڙي قسم جون ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ان کان اڳ صوبائي وزير صايق علي ميمڻ ڪاليج جي پرنسپل سليم سومرو کي ڪوسٽر جون چاٻيون ڏئي تقريب جو افتتاح ڪيو. تقريب کي ڊائريڪٽر (اسٽيوٽا) غلام محمد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر (اسٽيوٽا) نياز حسين تنيو، پروفيسر جي سي ٽي حيدرآباد نصرالله پرهياڙ، اسسٽنٽ مئنيجر (اسٽيوٽا) عبدالغني کان علاوه معززين، آفيسرن، شاگردن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.