ٺٽو

صوبائي حڪومت جي ٺٽي لاءِ مقرر رليف ڪوآرڊينيٽر آغا جان اختر جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو. ضلع لاءِ راشن ۽ هڪ هزار لٽر اينٽي مليريا دوائون جاري ڪرايون.

Secretary Agriculture Agha Jan meetingٺٽو: ضلع ٺٽي جي ٻوڏ متاثرين لاءِ مقرر رليف ڪوآرڊينيٽر ۽ سيڪريٽري زراعت آغا جان اختر اڄ ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي عملدارن سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري رليف ڪيمپن جو معائنو ڪيو. دوري دوران مقامي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، سابق ايم پي اي غلام قادر پليجو، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ ٻيا ضلعي عملدار ڪوآرڊينيٽر سان گڏ هئا. هن ضلعي ٺٽي ۾ تباهي مچائيندڙ ۽ ٻوڏ جو سبب بنجندڙ ايل بي او ڊي جي سم نالن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل ڊرينيج کاتي کي هدايت ڪئي ته سم نالن کي مظبوط ڪري ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي موت مار بيمارين کان بچائي سگھجي. بعد ۾ انهن جو مڪلي تي هڪ اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ روينيو عملدارن رليف ڪوآرڊينيٽر کان خوراڪ جا 5000 ٿيلها گھريا ۽ چيو ته ٺٽي لاءِ ٽن ڏينهن کان صوبائي حڪومت وٽان راشن نه مليو آهي جڏهن ته ڊي سي او مليريا کان بچاءُ لاءِ اسپري خاطر گھربل دوا جي پڻ گھر ڪئي. آغا جان اختر فوري طور تي پي ڊي ايم اي جي عملدارن سان رابطو ڪري ٺٽي لاءِ خوراڪ جا ٿيلها ۽ هڪ هزار ليٽر مليريا مخالف دوا جاري ڪرائي جيڪا فوري طور تي ٺٽي پهچائڻ جو يقين ڏياريو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي مان ايندڙ خوراڪ جي پهچڻ ۾ دير جي صورت ۾ ضلعي رليف ڪاميٽي کي مقامي مارڪيٽ مان خريداري جي پڻ تجويز ڏيندي ان لاءِ فنڊ صوبائي حڪومت کان جاري ڪرائڻ جو پڻ ڪوآرڊينيٽر پاران يقين ڏياريو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button