صدر زرداري فصيح بخاري کي نيب جو نئون چيئر مين نامزد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي اڳوڻي ايڊ مرل رٽائر فصيح بخاري جو نالو قومي احتساب بيورو نيب جي نئينچيئر مين لاءِ تجويز ڪيو آهي ۽ هي نالو مشاورت لاءِ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ اپوزيشن ليڊر چوڌري نثار علي خان ڏانهن موڪليو ويو آهي جن سان مشاورت کان پوءِ صدر باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. هي ڳالهه ايوان صدر جي ترجمان فرحت الله بابر جي حوالي سان ٻڌائي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيئر مين جسٽس رٽائر ديدار حسين شاه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي نئون چيئر مين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو پر ڪافي عرصي تائين ان تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ايتري قدر جو گذريل هفتي حڪومت پاران هن فيصلي جي خلاف نظر ثاني جي اپيل داخل ڪئي وئي پر اها گهٽ مدي هئڻ سبب رد ڪري ڇڏي ۽ حڪومت کي فوري طور تي نئون چيئر مين مقرر ڪرڻ جي حڪم تي عمل دار آمد جي هدايت ڪئي هئي. اهڙي ايڊ مرل رٽائر فصيح بخاري 1997ع پاڪ بحريه جو صدر مقرر ٿيو هيو ۽ 6 آڪٽوبر 1999ع تي پرويز مشرف جي چيئر مين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو سنڀالڻ سبب نيول چيف عهدي تان استعفيٰ ڏني هئي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ