شڪارپور

شڪار ۾ انتظاميه جي نااھلي سبب گندي پاڻي جي نيڪال نه ھجڻ ڪري بيماري پکڙجڻ لڳيون

shikarpur شڪارپورشڪارپور: (ڊر) شڪارپور شهر جي ساهڙ محلي ۾ انتظاميه جي بي ڌياني سبب گندي پاڻي جو نيڪال نه هئڻ سبب پاڻي ساهڙ محلي جي گهرن ۾ ڪاهي پيو ، علائقي واسين جو ٽي ايم او ۽انتظاميه خلاف سخت احتجاج . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي مشهور علائقي اسٽور گنج لڳ مختيارڪار آفيس جي ساهڙ محلي ۾ ڪني تلا۽ جو پاڻي علائقي واسين جي گهرن ۾ ڪاهي پيو پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب علائقي واسين جو ٽي ايم او آغا جلال الدين پٺاڻ ۽ نظير سومرو خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هتي هڪ ننڍو موٽر لڳل آهي جيڪو به خراب پيو آهي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي گندي پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب هڪ ته اسان جو جڳهون ڪري رهيون آهي ٻيو گندي پاڻي جي بيهڻ سبب ٻارن ۾ مختلف قسمن جو وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهي ان موقعي ته صحافين کي دانهيدي محمد اڪرم ساهڙ، رضا محمد ، حبيب الله ، نعيم ساهڙ پيو ته اسان جي محلي ۾ اٽڪل ستر گهر آهن پر سياسي چڪر جي ڪري هٿ سان اسان جي محلي مان گندو پاڻي نه پيو ڪڍرايو وڃي جيڪڏهن ٽي ايم او آغا جلال موٽر لڳرائي ڪني پاڻي جي نيڪال جو ڪو بندوبست نه ڪيو ته اسان ٽي ايم او آفيس جو ٻارن ٻچن سميت گهيراءُ ڪنداسين .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button