شڪارپور لڳ لڳ نامعلوم ھٿياربندن نيٽو جي ٽينڪرن تي فائرنگ ڪري ڏني، چار ٽينڪر مڪمل تباھ
شڪارپور (وحيد ڦلپوٽو) شڪارپور لڳ نامعلوم مسلح هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نيٽو جي 6 آئل ٽنڪرن تي ڇتي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تباه ٿئي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس بچائي ورتو . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي لڳ عبدال شاخ وٽ موٽر سائيڪل سوار ملسح هٿياربندن نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي ان وقت فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن اهي همايون ٿاڻي جي حد عبدال شاخ وٽان گذري رهيا هئا فائرنگ جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تي سڙي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس حفاظتي انتظام ڪندي سڙڻ کان بچائي ورتو فائر برگيڊ عملو باه جي شدت جي سبب ڪافي پري ڏسڻ ۾ آيو باه ايتري ته شديد هئي جو آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو پڻ پنهنجي گهرن مان نڪري واقعي واري هنڌ پهچي ويا پوليس ۽ رينجرس جي اهلڪارن پهچي ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته نيٽو ٽينڪرن جو عملو پڻ فرار ٿئي چڪو هو بچيل آئل ٽينڪرن کي پوليس همايون ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو جڏهن ته مسلح هٿيار بند پڻ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ويا ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿئي سگهيو ياد رهي ته گذريل ڪجهه ئي ڏينهن اڳ پڻ ان ئي سائيڊ تي نيٽو جي آئل ٽينڪرن کي باه ڏني وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ پڻ ڪجهه آئل ٽينڪر سڙيا هئا آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو آهي .