شڪارپور جي درگاھ ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل
شڪارپور(رپورٽ وحيد ڦلپوٽو) ڪڻڪ شاه پير جو خدمتگار قتل سندس لاش اڌ ڪلاڪ رستي تي پيل رهيو ايڌي وارن لاش کي کڻائي ڪري سول اسپتال پهچايو تفصيل موجب شڪارپور شهر جي اسٽيشن روڊ تي واقع مشهور پير ڪڻڪ شاه بادشاه جوخدمتگار مور ولد غلام حسين ابڙو ڪڻڪ شاه بادشاه جي درگاه جي ٻاهران صفائي ڪري رهيو ته نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مٿس پسٽل جا فائر سڌا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو قاتل فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ويا لاش اڌ ڪلاڪ اسٽيشن روڊ تي پيل رهيو بعد ۾ ايڌي رضاڪارن لاش کي کڻي سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو سندس گهرواري کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا جڏهن ته پوري علائقي ۾ خوف ۽ دهشت واري صورتحال رهي سندس گهروارن سان رابطو نه ٿئي سگهيو جڏهن ته آخري اطلاعن مطابق ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿئي سگهيو آهي .