سکر

سکر ۾ 12 ڏينھن ۾ هڪ ٻي ڊولفن مرده حالت ۾ برآمد

Whailسکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هڪ ٻي ڊولفن مرده حالت ۾ برآمد، ڊولفن جي موت 12 ڏينهن اڳ ٿيل آهي جنهن جي لاش اڄ ملي آهي وائيلڊ لائيف خبر موجب: سکر جي وٽان سنڌو درياءَ جي سکر بئراج جي گيٽ نمبر 24 وٽان هڪ ٻي مادي ڊولفن جي لاش ملي آهي، جنهن جو قد 6 فوٽ ۽ وزن چاليهه ڪلو گرام آهي، وائيلڊ لائيف کاتي جي عملي کي اطلاع ملڻ تي پهچي ڪري ريسڪيو آپريشن جي ذريعي ڊولفن جي لاش درياءَ مان ڪڍي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف سکر جي ڊپٽي ڪنزويٽر تاج محمد شيخ ٻڌايو ته ڊولفن جي موت 12 ڏينهن اڳ ٿيل آهي، ان ڪري ان جو اڳيون حصو پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري ڳري چڪو آهي، مگر ان جي باوجود ان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ۽ ان جي موت جي وجهه معلوم ڪئي ويندي.واضع رهي ته هڪ مهيني دوران موت جو شڪار ٿيندڙ ٻلهڻين جو انگ 5 ٿي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button