سکر
سکر ۾ نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪري ڦر ڪري ويا
سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي علائقي نئين پنڊ ۾ 5 نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪري هڪ لک 70 هزار روڪ، 14 تولا سون ۽ 3 ڌيئرن جي ڏاج جو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڪالهه سکر جي علائقي نئين پنڊ جي پٺاڻ ڪالونيءَ ۾ 5 نامعلوم هٿياربند محمد اسماعيل ولد اڪبر خان هزاره جي گهر ۾ گهڙي ڪري اسلحي جي زور تي گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کي يرغمال بڻائي گهر ۾ پيل هڪ لک 0 7 هزار روپيا روڪ، 14 تولا سونا زيورن سميت 3 ڌيئرن جي ڏاج جو سامان ڦر ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا.