سکر ۾ سيد خورشيد احمد شاهه ٽي ٽوئنٽي آل سنڌ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آھي
سکر (بيورورپورٽ) سيد خورشيد احمد شاهه ٽي ٽوئنٽي آل سنڌ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، ينگ بوآنه، سنڌ نيشنل سکر ۽ سپر اسٽار ڪلب روهڙيءَ جي ڪلبن جي ڪاميابي،جناح ميونسپل اسٽيڊيم سکر ۾ جاري سيد خورشيد احمد شاهه ٽي ٽوئنٽي آل سنڌ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٽن مئچن جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ پهرين مئچ ۾ بئٽنگ ڪندي ينگ بوآنه ڪرڪيٽ ڪلب سکر 6 وڪيٽن جي نقصان تي 2 7 1 رنسون ٺاهيون، شفيق 3 4 ، فرقان 5 3 ۽ عمران 3 3 رنسون ٺاهيون، اعجاز ۽ شاهزيب 3 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جي ٽيم 8 3 1 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. نعيم 0 4 ۽ محبوب 9 3 رنسون ٺاهيون. شڪيل خان 3 ۽ سلمان ۽ ربنواز 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ٻئي مئچ ۾ سنڌ نيشنل ڪرڪيٽ ڪلب سکر 5 8 1 رنسون ٺاهيون، راجا 7 4 ، منظور 4 4 رنسون ٺاهيون، شرافت 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور جي ٽيم 3 0 1 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، نزاڪت ۽ منير 3 ،3 جڏهن ته عبدالقيوم کوسو 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ٽئين مئچ ۾ سپر اسٽار ڪلب روهڙي جي مهراڻ بچل شاهه ڪرڪيٽ ڪلب سکر کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻئي مرحلي ۾ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ان موقعي تي موجود سيف الله مهر ۽ هدايت الله ڀٽو ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ سڄي سنڌ کان 5 6 کان وڌيڪ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جنهن کانپوءِ فائينل رائونڊ جاري آهن هنن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ جو فائينل هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندو، جنهن جو مهمان خاص وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه هوندو.