سينيٽر اسلام الدين شيخ کي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سينيٽ ۾ چيف وهپ مقرر ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ سکر ۾ ريلي
سکر (بيورورپورٽ) سکر سان تعلق رکندڙ سينيٽر اسلام الدين شيخ کي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سينيٽ ۾ چيف وهپ مقرر ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر جي جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ حاجي فيض محمد قريشي، امير الدين شيخ، نعيم بيگ، رفيق ميراڻي، منير راجپوت ۽ ٻين سماجي رهنمائن شرڪت ڪئي. ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي صدر آصف زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. ريليءَ کي جناح ويلفيئر ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ خطاب ڪندي چيو ته اسلام الدين شيخ هميشه سکر جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ سکر جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا آهن. هنن چيو ته اسلام الدين شيخ آئينده به سکر جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪندو رهندو ۽ سکر شهر جي ترقيءَ لاءِ ترقياتي پئڪيج ڏيندو، هنن چيو ته سکر جو عوام اسلام الدين شيخ سان گڏ آهي ۽ ان کي پنهنجي طرف کان ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. سکر آمد تي سينيٽر اسلام الدين شيخ جو شاندار استقبال ڪيو ويندو.