آرٽيڪل

سنڌ ۾ برساتن جا هاڃا ۽ الخدمت جو ڪردار

مجاهد چنا
Jamait Islamiملڪ ۾ جڏهن به انسانيت مٿان ڪا مشڪل گهڙي آئي جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري رنگ،نسل،پارٽي ۽ مذهب جي مت ڀيدکان مٿاهون ٿي ڪري انسانيت جي خدمت واري جذبي هيٺ مصيبت جي ماريل عوام جي خدمت ڪئي آهي،پوءِ کڻي اهو ڪشمير ۾ زلزلو هجي،ٿر ۾ ڏڪر يا سنڌ ۾ ٻوڏ توڙي برساتون هجن الخدمت جا رضاڪار هميشه اڳ کان اڳرا رهيا آهن.تازو سنڌ خاص طور اترين ضلعن ۾ طوفاني برساتن جي موقعي تي پڻ الخدمت پهرين ڏينهن کان وٺي هيل تائين سرگرم عمل آهي.برسات الله جي طرفان نعمت هوندي آهي پر حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب انسانن لاءِ اها زحمت بڻجي ويندي آهي ۽ هن سال به گذريل سال جيان ماڻهن کي هٿ سان ٻوڙيو ويو جنهن جا خدشا اڳ ۾ ئي عوام ظاهر ڪري رهيو هو.بلاشبه لکين ماڻهن کي ڪڍڻ توڙي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ حڪومت جي هٿ وس جي ڳالهه ڪو نه آهي پر افسوس ته اهو آهي جو جيڪو حڪومت جي وس ۾ هو اهو به نه ڪري سگهي.ان کان وڌيڪ نااهلي ۽ بي حسي ڪهڙي هوندي جو برسات کي ذري گهٽ ڏيڍ ميهنو ٿيڻ وارو آهي جو شهر توڙي ڳوٺ ڪنهن ڍنڍ جو ڏيک ۽ هي سٽون لکڻ تائين سانگهڙ ۽ ميرپور خاص جون اسپتالون توڙي سرڪاري آفيسون بارش جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن.پاڻي جي نيڪال جو بندوبست به ڪو نه ڪيو ويو آهي،اهڙي صورتحال کي ڏسندي الخدمت فائونڊيشن جي صدر نعمت الله خان ايڊووڪيٽ ۽ جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽو فوري طور تي پنهنجي ڪارڪنن ۽ رضاڪارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون ته هو پنهنجن برسات متاثر ڀائرن جي واهر لاءِ ميدان ۾ اچن.ڏسندي ڏسندي ئي هزارين ڪارڪن ميڊيڪل ٽيمن سان متاثر علائقن ۾ پهچي ويا ۽ هيل تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ امدادي ڪئمپون لڳائي،بازارن ۾ جهولي فنڊ گڏ ڪيو ويو.الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي صدر ۽ چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر سيد تبسم جعفري هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته الخدمت طرفان 5340 ٽينٽ 4707 ترپال سميت ڏهه ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو سامان ورهايو ويو آهي.جنهن۾ڪچو راشن،دوائون،ڪپڙا،بستر ۽ ٻيو ضروريات زندگي جو سامان شامل آهي.هن ٻڌايو ته الخدمت طرفان برسات سٽيل علائقن ۾ 30 ميڊيڪل ڪئمپ مستقل ۽ 18 گشتي موبائل يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن.اهڙي طرح ٽنڊو باگو،بدين،جهڏو،شهدادپور،ٽنڊو محمد خان، ڊگري ۽ ٽنڊو آدم ۾ قائم خيمه بستين ۾ متاثرن کي کاڌي پيتي سميت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.گهڻي وقت کان پاڻي بيهڻ،متاثر ماڻهن جو پنهنجن اجهن کي نه ڇڏڻ توڙي وڏي پئماني تي مال جي مري وڃڻ ڪري وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن.جنهن ۾ پيٽ،مليريا،ڊائريا ۽ خارش جون بيماريون قابل ذڪر آهن.برسات ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب ڳورهاريون عورتون سخت مشڪل ۾ آهن.پيما جي تعاون سان هڪ جديد سهولتن سان آراسته هڪ موبائل ميڊيڪل بس (مڌر ڪيئر موبائل سينٽر)گهرائي وئي آهي.جنهن ۾ ليڊي ڊاڪٽر،ميڊيڪل اسٽور ۽ آپريشن ٿيٽر سميت مڪمل ويم گهر جون سهولتون موجود آهن.اها بس برسات سٽيل علائقن ۾ هلندي رهندي. ان کان علاوه الخدمت فائونڊيشن طرفان متاثرن جي ريسڪيو لاءِ جهڏو ۽ بدين ۾ بوٽ سروس پڻ شروع ڪئي وئي .ڇو ته طوفاني برساتن سان ڪافي علائقن ۾ زميني رستو ختم ٿي ويو هو.ماڻهن کي محفوظ مقامن تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ۽ زندگي جون ٻيون سهولتون پهچائڻ لاءِ ڪشتين ذريعي الخدمت جي رضاڪارن ميڊيڪل ٽيمن سان گڏجي خدمتون سرانجام ڏنيون.الخدمت فائونڊيشن جي صدر ڪراچي سٽي جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان سڀ کان پهرين بدين،ٽنڊو باگو،سانگهڙ،شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم سميت ٻين متاثر علائقن جو دورو ڪيو.جنهن تباهي جا منظر ڏسي چيو ته هي ڪجهه ضلعن نه پر سموري سنڌ جو مسئلو آهي.هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر ٿياآهن.صرف چند ضلعن نه بلڪه سڄي سنڌ کي آفت زده قرار ڏنو وڃي.80 سالن جو پوڙهو پر دل ۽ ارادن جو نوجوان خود پاڻي ۾ لهي پيو،امدادي سرگرمين جو جائزو ،امداد ورهائڻ سان گڏ متاثرن کي اها آٿت پڻ ڏني ته جنهن توهان کان سڀ ڪجهه کسيو آهي اهو الله تعاليٰ وري توهان کي ٻيڻ تي به ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو.ايمان،صبر،جرئت ۽ بهادري سان ان آزمائش جي گهڙي ۾ ڄميا رهو. جماعت اسلامي پاڪستان جي جنرل سڪريٽري لياقت بلوچ پڻ ضلعو ٽنڊو الهيارجي تعلقي جهنڊو مري، ميرپور خاص جي ڪوٽ غلام محمد،ڊگهڙي،ميرواهه گورچاڻي ۽ ضلعي عمر ڪوٽ جي سامارو،سامارو روڊ،ڪنري ۽ نوهٽو سميت ڪيترن ئي متاثر علائقن جي دوري دوران ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ تي برسراقتدار نااهل ۽ ڪرپٽ قيادت ٻين محاذن وانگر برسات سٽيلن جي واهر،امدادي ڪمن ۽ بحالي واري محاذ تي پڻ مڪمل ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي،جماعت اسلامي ماڻهن جي ڏکن ۽ سورن ۾ ساٿ ڏيڻ واري جماعت آهي.اسين متاثرين جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪمران لڏي جي نااهلي ،ڪرپشن ۽ مفاد پرستي واري رويي خلاف ميڊيا،پارليامينٽ سميت قومي سطح تي آواز اٿارينداسين.جماعت اسلامي پاران برسات سٽيلن جي باري ۾ حڪومتي نااهلي،ڪرپشن ۽ اقربا پروري کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ وائيٽ پيپرپڻ جاري ڪيو ويندو.لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته هو ٻين سياستدانن وانگر هيلي ڪاپٽرن تي چڙهي هٿ لوڏائڻ بجاءِ زميني حقيقتن جو جائزو ۽ متاثر ماڻهن جا ڏک ۽ پيڙائون جانچڻ لاءِ لاهور کان هتي ڏورانهن علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي.حڪمرانن جي ترجيحات ملڪ ۽ قوم جي خدمت بدران ڪرپشن،ڪميشن ۽ قومي وسيلن جي ڦرمار آهي.جماعت اسلامي بارش متاثرن جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجو ديني،اخلاقي ۽ قومي فرض سمجهي ٿي ڇو ته جماعت اسلامي عوام جي خدمت ۽ اقامت دين لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري جماعت آهي.
جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو ٺٽي سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعي جي متاثر علائقن جو دورو ۽ امداد ورهائڻ دوران پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪمرانن جي غلاماڻين پالسين سبب اڄ پاڪستان جي وجود کي خطرا لاحق ۽ نااهلي ڪري پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ پاليندڙ سنڌ جا لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.چونڊيل نمائندن ۽ جيالن طرفان ڊي سي اوز آفيسن ۾ڪرپٽ ڪامورن سان ويهي غريبن لاءِ آيل امداد هڙپ ۽ پنهنجن کي نوازي وارو سلسلو بند ڪري حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.حڪومت برسات جي بيٺل پاڻي جي نيڪال توڙي قدرتي لنگهن تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءَ وٺي حقيقت اها آهي ته الخدمت فائونڊيشن خدمت ديانت ۽ امانت سان گڏ واري نعري هيٺ ڪم ڪري ان جو عملي ثبوت ڏنو آهي.جماعت اسلامي ڪراچي جي امير محمد حسين محنتي ۽ سڪريٽري الخدمت انجنيئر عبدالعزيز پڻ متاثر علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو.سندس چوڻ هو ته سرندي وارن جي تعاون سان الخدمت پهرين ڏينهن کان وٺي خدمتون سرانجام ڏيئي پئي.جيڪو اهل خير حضرات جو الخدمت مٿان ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي.هن چيو ته ميڊيا جي جديد دور هئڻ جي باجود ۽ اسان نمود ۽ نمائش کان بالاتر ٿي ڪري خدمت ڪيون پيا ڇو ته اسان ماڻهن کي خوش نه بلڪه الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي خدمت ڪريون پيا. .الخدمت ٻين اهڙين اين جي اوز وانگرناهي جيڪي امداد جو گهڻو حصو ڳرين پگهارن،اي سي روم ۽ وڏين گاڏين تي خرچ ڪرن ٿيون.الخدمت فائونڊيشن جي ٽيم سادگي،ديانت ، امانت ۽ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪري ٿي.جنهن ماڻهو جنهن جنهن مد ۾ يعني پاڻي جي فراهمي هينڊ پمپ وغيره،خوراڪ،دوائن،خيمن يا مالوند ماڻهو جي نقصان تي مال ڏيڻ جي لاءِ رقم ڏني اها رقم صرف ان ئي مد ۾ خرچ ڪئي وئي.اهڙي طرح مرڪز،صوبي توڙي مقامي سطح تي ان جي ورهاست توڙي حساب ڪتاب جو رڪارڊ هوندو آهي ته جيئن بالائي اڳواڻ،ڊونر يا عام ماڻهو پنهنجي تسلي لاءِ ڏنل امداد ڏسي سگهي. سرڪار طرفان عوام کي جيڪي سهولتون ڏيڻ گهرجن تن کان عوام وانجهيل آهي،هن وقت به صورتحال اها آهي جو بدقسمتي سان زندگي جي هر شعبي ۾ تعليمي ادارن ميڊيا کان وٺي اسپتالن ۽ فلاحي سرگرمين ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ئي عوام جي بهتر خدمت ڪري پيو. سرڪاري ادارن جو منهن هر هنڌ اڇو لڳو پيو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي پنهنجي ادارن ۾ ڊسيپلين ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اعتماد ۽ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻاهرين امداد ڏانهن واجهائڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ گهرجي.وزير اعظم جي خصوصي فنڊ ۾ رکيل 29 ارب ۽ زلزلي توڙي ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏ ڪيل اربين روپيا برسات متاثرن تي خرچ ڪيا وڃن ڇو ته اهي چانهه جي پتي کان وٺي پي آئي اي جي ٽڪيٽ ذريعي عوام مٿان ٽيڪس لڳائي گڏ ڪيا وياآهن.جيڪي بروقت خرچ نه ٿيڻ ڪري قومي خزاني ۾ پيل آهن.نه صرف اهي پر نواز شريف ۽ زرداري صاحب ئي جيڪڏهن صرف پنهنجا اثاثا پرڏيهه مان پاڪستان منتقل ڪن تڏهن به متاثرن جي ڀرپور واهر ٿي سگهي ٿي.پر شرط اهو آهي ته ان لاءِ ملڪ ۽ انسانيت جي خدمت جو جذبو ۽ عزم هجي!ٻوڏ متاثرن جي نالي تي سياست بجاءِ عوام جي خدمت ڪئي وڃي ڇو ته سنڌ اڳي ئي سورن ۾ آهي ان کي سياسي اکاڙو بڻائڻ بجاءِ برسات متاثرن جي زخمن تي پها ۽ انهن جي واهر لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن ته جيئن اهي مظلوم ماڻهو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي نئين زندگي،نئين عزم سان گذارين.ڇو ته هي ڏکايل ماڻهو ڀرپور واهر ۽ خدمت جا حقدار آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button