ڪراچي

سنڌ ڌرتي جا غيرتمند پٽ ناظمي نظام جي بل کي منظور ٿيڻ نه ڏيندا: ذوالفقار مرزا

mirzaڪراچي(م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ موجود سنڌ ڌرتي جا غيرتمند پٽ بلدياتي بل منظور ٿيڻ نه ڏيندا. پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن اڄ جيڪو ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي اهوپارٽي کي مضبوط ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، پير صاحب پاڳاري جي دعا سان منهنجي استعيفيٰ منظور ٿيڻ کان پوءِ مون تي جيڪو هڪ عذاب جي زنجير هئي اها به لهي وئي ايم ڪيو ايم وارن 10 محرم الحرام وانگر شهر ۾ اڄ وري هڪ ڊرامو رچائڻ جي ڪوشش ڪئي مان اعلان ڪيان ٿو ته جيڪڏهن توهان وڙهندا ته اسان وڙهندا سين هڪ گولي هلائيندئو ته 10 گوليون هلائيندا سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري سان سندس رهائش گاهه ڪنگري هائوس ۾ ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ عمران ظفر لغاري، ڊاڪٽر نصر الله بلوچ، امداد پتافي، جاويد شاهه ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو پٽ ڊاڪٽر حسنين مرزا به موجود هيو. ذريعن موجب ملاقات پير صاحب پاڳاري ۽ ذوالفقار مرزا جي ون ٽو ون ٿي جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته مان ميڊيا جو ٿورائتو آهيان جو هوءَ هتي منهنجي ڪوريج لاءِ آئي پير صاحب پاڳاري وٽ اچڻ جو مقصد ان کان دعا وٺڻ هيو ڇو ته سڄي دنيا مان ماڻهو دعا وٺڻ لاءِ پير سائين وٽ اچن ٿا مان سنڌ ڌرتي جي هڪ پٽ جي حيثيت سان دعا لاءِ حاضر ٿيس ۽ سندس دعا جي برڪت سان منهنجي مٿان مشڪل موڪلي وئي اها ٽري وئي آهي منهنجي هتي اچڻ کان پوءِ منهنجي استعفيٰ منظور ٿي وئي آهي الطاف حسين ۽ ان جي جماعت کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنفيوزن ڪريئيٽ ڪيو ويو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ غلط تاثر ويٺا هي هڪ ڊرامو رچايو ويو هيو اڄ منهنجي استعفيٰ منظور ٿي آهي ان کان پوءِ مون ۾ شرم ۽ حياءَ جو جيڪو حجاب هيو يا زنجير هئي اها لهي وئي آهي. هن ايم ڪيو ايم تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته هن اڄ منهنجي اچڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر شهر ۾ 10 محرم الحرام وانگر تماشو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ئي جلوس تي فائرنگ ڪرائي هي سندس ڊرامو هيو هاڻي اهڙي قسم جا تماشا نه هلڻ ڏيندا سين. هن چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جا ايجنٽ ۽ آمريڪا جي ڊالر تي پلجندڙ ڊراما ڪن ٿا مان پاڪستان جو سچو ۽ حقيقي سپاهي آهيان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون سان گڏ سڄو غيرتمند پاڪستان ۽ سنڌ ڌرتي آهي مسلم ليگ فنڪشنل مسلم ليگ (ق) جتوئي جي پارٽي جا ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جا ميمبر اسيمبلي مون سان گڏ آهن اڄ مان هي اعلان ڪيان ٿو ته هاڻي ڪنهن ۾ به دم نه آهي ته هو سنڌ اسيمبلي ۾ هنن ميمبرن جي موجودگي ۾ بل پاس ڪرائي بل پاس نه ڪرڻ ڏيندا سين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي منهنجي دوستن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان پهريان منهنجي خلاف ڪارروائي ڪري. هن سوال تي ته اسيمبلي ميمبرن کي گڏ کڻي هلڻ جو ڪهڙي طرف قدم آهي ته چيو ته پيپلز پارٽي پهريان کان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ طرف هي قدم آهي. ذوالفقار مرزا سان گڏ سيڪيورٽي جا نهايت سخت انتظام ڪيا ويا هئا جڏهن ته ان موقعي تي ميڊيا جو وڏو انگ به موجود هيو. ذوالفقار مرزا سخت جذبات ۽ ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهيو هيو. هن ان موقعي تي ايم ڪيو ايم کي مخاطب ڪندي چيو ته مان هاڻي هتان کان پنهنجي رهائش گاه وڃي رهيو آهي جيڪڏهن ڪنهن ۾ دم جرئت ۽ طاقت آهي ته منهنجي رستي ۾ اچي ۽ مون سان مقابلو ڪري پر هي ماڻهو ائين نه ڪري سگهندا. ٻئي طرف پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته مان واضح ڪيان ٿو ته پيپلز پارٽي ۾ ڪو به گروپ نه ٺاهي رهيون آهيان، نه ئي مان سياست ڪري رهيو آهيان.پيپلز پارٽي جا ڪيترائي ايم پي ايز پ پ متحده مفاهمتي عمل خلاف آهن، شيهد راڻي هدايت ڪئي ته هر دور ۾ مفاهمت ذريعي سڀني پارٽين کي گڏ کڻي هلجو، پر ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ گڏ نه ٿو کڻي سگهجي، مون جدوجهد ذريعي بدين جونالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. نثار کهڙي کي به لاڙڪاڻي جي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. مون کي سندس مشورن جي ضرورت ناهي.هن چيو ته في الحال صدر زرداري مون سان گڏ ناهي ۽ منهنجو اصل ڪم عوام تي گوليون هلائيندڙن کان آزادي وٺڻ آهي، ذوالفقار مرزا چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ رحمان ملڪ خلاف ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پهريون بيمارين مان خطرو هو ۽ هاڻي رحمان ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم مان خطرو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button