ٺٽو

سنڌ جي عوام ۽ غريبن جي نالي تي ووٽ وٺندڙ حڪمرانن نه رڳو ماڻهن کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي : ماروي ميمڻ

Marvi Memon1ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ۾ اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ پاران عورت ڪارڪنن ۽ ورڪرن سميت ٺٽو شهر ۾ ٻوهارو مهم هلائي صفائي جي لاءِ شهرين کي خود حصو وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي، حڪومتي ۽ انتظامي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر. عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ ٺٽي شهر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف هڪ انوکو احتجاج شروع ڪندي هن پاڻ عورت ورڪرن توڙي نوجوان رضاڪارن سان گڏجي جلوس جي صورت ۾ ٺٽي جي شاهي بازار ۾ ٻوهارا کڻي پاڻ ٻوهارا ڏيئي صفائي مهم شروع ڪري ڇڏي ۽ شهر جي مختلف گلين ۽ مک بازار جو گشت ڪري شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته انتظاميا ۽ حڪومتي ادارن جي ڦرلٽ چوٽ چڙهي ويئي آهي ۽ عوام جا مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ شهري پاڻ شعوري سجاڳي جو مظاهرو ڪندي حڪومتي ادارن جي ڀاڙڻ بدران پاڻ صفائي سٿرائي جو خيال رکن ۽ گندگي جي خاتمي لاءِ پاڻ ڪردار ادا ڪن ان کان اڳ ٺٽو پريس ڪلب اڳيان رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ خطاب ڪندي چيوته سنڌ جي عوام ۽ غريبن جي نالي تي ووٽ وٺندڙ حڪمرانن نه رڳو ماڻهن کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي پر هن وقت سنڌ جي عوام جي عزت ۽ نفس به مجروح ٿيڻ لڳو آهي هن چيو ته تبديلي کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن ناهي سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽو به حڪومتي انتظامي نااهلي سبب اجڙي تباهه ٿي رهيو آهي ان ڪري هن پاڻ رضاڪارن جو جٿو ٺاهي ٺٽي شهر ۾ صفائي مهم جي شروعات ڪندي گندگي جي خاتمي لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button