شڪارپور

سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري ۾ تڪرار ٻه ڄڻا مارجي ويا


shikarpur 315x252شڪارپور (وحيد ڦلپوٽو ) شڪارپور جي شهر سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري جي تڪرار ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي تفصيل موجب شڪاپور شهر جي نزديڪ سلطان ڪوٽ شهر ۾ آغا مجن ۽ آغا معشوق پٺاڻ جي ملازمن ۾ آغا مجن جي شيل جي پئٽرول پمپ تي معلومي ڳالهه تان جهيڙو ٿئي پيو جهيڙي ۾ جديد هٿيارن جو هڪ ٻئي تي کلي عام استعام ڪيو ويو جهيڙي جي نتيجي ۾ غلام مصفطي بروهي ويٺل سنڌ واه ۽ پپو عرف الاهي بخش ڪاڪيپوٽو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي ٿئي پيا زخمين ۾ شانگري لوڊرو ، آغا معشوق پٺاڻ، عبدالحڪيم ، سعيد خان سخت زخمي ٿئي پيا قتل ٿئي ويل لاشن کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ آندو ويو جتي سندن لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پوسٽ مارٽم بعد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهروارن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا ، علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو پوليس پهچي ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي امن بحال ڪرايو سنڌ بلوچستان ويندڙ روڊ بلاڪ ٿئي ويو آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button