رانديون

زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون

VC Zarai Universityٽنڊوڄام : سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ ڪوراٽر فائنل ۾ داخل، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جي 64 ٽيمن جي 1024 رانديگرن ۾ چيئمپين شپ جاري آهي، ۽ ڪالهه يونيورسٽي جي 32 ٽيمن جي پهرين رائونڊ ۾ ڪاميابي بعد ڪامياب ٽيمن جي 512 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون ۽ وڌيڪ رنسون ماڻيندڙ ٽيمن ۾ شيلڊون به ورهايون، ان موقعي تي وائيس چانسلر چيو ته زرعي يونيورسٽي ملڪ جي واحد يونيورسٽي آهي، جنهن جا گرائونڊ تدريسي عمل جيان سرگرم آهن ۽ هڪ ئي وقت سوين شاگرد راندين ۾ مصروف آهن ۽ يونيورسٽي جي راندين ۾ ملڪ جي يونيورسٽين جي رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽين يونيورسٽيز ۾ آهي. ان موقعي تي ڊين ڊاڪٽر انور مقصود رستماڻي، انوار خانزادو ۽ ٻين به خطاب ڪيو. چيئمپين جو فائنل 15-آڪٽوبر تي ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button