ريلوي انتظاميا جي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي ڪري مسافر ٽرينن ۾ غير قانوني شين اسمگلنگ جاري
سکر (بيورو رپورٽ) ريلوي انتظاميا جي غفلت ۽ ملي ڀڳت جي ڪري مسافر ٽرينن ۾ غير قانوني شين اسمگلنگ جاري، ڪوئٽيا ۽ پشاور کان ايندڙ ٽرينن ۾ غير قانوني ڪپڙا، پان پراگ، آتش گير مادي سميت ٻيون شيون روهڙي ريلوي اسٽيشن تي لاهي ڪري ٽرانسپورٽ جي ذريعي ٻين شهرن ڏانهن پهچايو ويندو آهي. روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو روهڙي پوليس جو ڇاپو، پان پراگ سان ڀريل 2 3 ٻوريون ضبط، 5 جوابدار گرفتار، خبر موجب مسافر ٽرينن ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين غير قانوني پان پراگ، ڪپڙو، آتش گير مادي سميت ٻيو سامان به اسمگلنگ معمول بڻجي وئي آهي پشاور ۽ ڪوئيٽا کان ايندڙ ٽرينن ۾ اسمگلنگ جو سامان کڻي ڪري روهڙي ريلوي اسٽيشن تي لاٿو ويندو آهي ۽ پوءِ هتان ٽرانسپورٽ جي ذريعي ٻين شهرن تائين پهچايو ويندو آهي اهڙي اطلاع تي آچر ۽ سومر جي وچ واري رات روهڙي پوليس ايس ايڇ او عبدالستار ڦل جي قيادت ۾ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو بيدل بيڪس انڊس پاس پل وٽ ڇاپو هڻي ڪري ڪوئيٽا کان ايندڙ جعفر ايڪسپريس ۽ ڪوئٽا کان کڻي ايندڙ پان پراگ جون ڀريل 2 3 ٻوريون پکڙيون ۽ 5 جوابدار عزيزالله پٺاڻ، عبدالقادر پٺاڻ، محمد اشرف پٺاڻ، گل حسن پٺاڻ، نذر محمد پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ ۾ تي ايس ايڇ او روهڙي عبدالستار ڦل ٻڌايو ته خفيه اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي 0 3 ٻورا پان پراگ جا پڪڙي ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي خلاف ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ريلوي سکر نجم ترين ٻڌايو ته ريلوي ٿاڻي جي حد ۾ ضلع پوليس ڇاپو هنيو ۽ جوابدارن ۽ هٿ ڪيل پان پراگ ريلوي پوليس جي حوالي نه ڪئي وئي آهي ته جيئن ريلوي پوليس ان جي مڪمل تحقيقات ڪري اها پان پراگ ٽرينن ۾ ڪهڙي طريقي سان چاڙهي وئي ۽ ان ۾ ڪهڙو ريلوي عملو ملوث هيو انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها ايس ايس پي ريلوي جي مطابق ان سلسلي ۾ ان ڊسٽرڪٽ جي ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل سان رابطو ڪيو آهي آخري اطلاعن تائين روهڙي ٿاڻي تي حراست ۾ ورتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو هيو.