ڪراچي

ذوالفقار مرزا پاران امن ڪميٽي فعال بڻائڻ ۽ الطاف خلاف ثبوت برطانيا سرڪار حوالي ڪرڻ جو اعلان

Mirzaڪراچي : اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز امن ڪميٽيءَ کي فعال بڻائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته الطاف حسين ڏوهاري آهي،سندس خلاف ريفرنس ڪرائڻ لاءِ ثبوت جا 3 سوٽ ڪيس کڻي لنڊن ويندس، مختلف ماڻهن طرفان الطاف حسين خلاف ثبوت ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي، رحمان ملڪ ۾ دم آهي ته ڪراچي اچي پيپلز امن ڪيمٽيءَ تي پابندي مڙهي ڏيکاري آءُ کيس رحمان ملڪ نه پر شيطان ملڪ قرار ڏيان ٿو، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا چيوته مون پنهنجي دور ۾ سنڌ جي غيرتمند ماڻهن کي 3 لک هٿيارن جا لائينس ڏنا، هاڻي موقعو ملندو ته 5 لک لائيسنس جاري ڪندس، هاڻي لياري سان گڏوگڏ پوري ڪراچيءَ جي عوام جو تحفظ ڪيو ويندو، هن چيو ته پرڏيهه مان واپس اچڻ بعد پيپلز امن ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان جهاد جو اعلان ڪيان ٿو، بلاول ڀٽو زرداريءَ کي لياريءَ ۾ چونڊ کٽرائي ويندي، جڏهن ته آءُ پاڻ به پيپلز امن ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندس، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مون سميت هزارين محبت وطن ماڻهو مايوس ٿيا آهن، سپريم ڪورٽ توهين عدالت جو نوٽيس موڪلي عدالت ۾ گهرائي ته ثابت ڪندس ته پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي، 2008ع کان هن وقت تائين جيڪي به ڏوهه ٿيا آهن، انهن جي ذميواري قبول ڪريان ٿو، ڇا الطاف حسين 1984ع کان 2008ع تائين ٿيل ڏوهن جي ذميواري قبول ڪندو؟ هن چيوته مان 3 سال چورن سان گڏ حڪومت ۾ رهيس، مونکي ان جي سزا ضرورملندي، مون به 3 سال وزارتن جا مزا ورتا آهن، هن چيو ته ڪراچي جديد هٿيارن جو محفوظ ٺڪاڻو بڻجي ويو آهي، هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ڪراچي ۾ ايندڙ هٿيار ڪير خريد ڪندو آهي، هن چيو ته الطاف حسين ڪراچيءَ ۾ اچي نائن زيرو تي ويهي ته ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، الطاف حسين ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ان تي قائم آهيان، هن چيو ته صوبائي گهرو وزير هئڻ وقت الطاف حسين خلاف ثبوت کڻي لنڊن ويو هئس پر برطانيا ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي ماڻهن ثبوت برطانوي حڪومت کي پيش ڪرڻ کان ورڪي ڇڏيو، الطاف حسين خلاف ريفرنس کڻي عمران خان لنڊن ويو هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو خوش ٿي هئي، هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ ۾ 5 چور آهن، جيڪي ڪرپشن ڪري ارب پتي بڻجي ويا آهن، جيڪڏهن اهي نه سڌريا ته سندن نالا به منظر عام تي آڻيندس، هن چيو ته جماعت اسلاميءَ ۾ ڪو به ڀتي خور نه آهي، ڪجهه ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا جواز پيدا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ انسانيت پسند هجي ها ته بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ نه اماڻي ها، ساڍن 3 سالن دوران جماعت اسلاميءَ جي هڪ به ڪارڪن تي ڀتي خوري جو ڪيس نه هليو آهي، هن چيو ته گورنر هائوس قبضا مافيا، ڀتي خورن ۽ ٻين ڏوهن ۾ملوث ماڻهن جو اڏو آهي، ايم ڪيو ايم جا سڀ ماڻهو خراب نه آهن، اتي ڪجهه ماڻهو شريف به آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي۽ ايم ڪيو ايم جي ناپاڪ اتحاد خلاف آواز اٿاريندو رهندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رحمان ملڪ جي پيءُ ۾ به طاقت ناهي جو هو پيپلز امن ڪميٽي تي پابندي مڙهي سگهي، اڄ کانپوءِ ڪنهن به صحافتي اداري پيپلز امن ڪميٽي کي بنا تصديق جي ڏوهاري سرگرمين ۾ملوث قرار ڏنو ته ان کي الطاف حسين جو ساٿاري سمجهيو ويندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button