سکر

حڪومت بيروزگاري، بک، افلاس ۽ وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول جي ذميواري پوري نه ڪئي ته غربت جي وڌندڙ شرح جا ملڪي معيشت تي ڀيانڪ اثر پوندا: حاجي محمد جاويد ميمڻ

Poverty in Sindhسکر (بيورو رپورٽ)سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ وفاقي اداري شماريات پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري ساڍا 7 ڪروڙ پاڪستاني جيڪي ٽوٽل آبادي جو تقريبن اڌ ٿين ٿا کي غربت جي لکير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت بيروزگاري، بک، افلاس ۽ وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول جي ذميواري پوري نه ڪئي ته غربت جي وڌندڙ شرح جا ملڪي معيشت تي ڀيانڪ اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ شهرين ۽ عام ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. حاجي شفيع عباسي، عبدالستار راجپوت، برڪت علي سولنگي، ذاڪر ٻنڌاڻي ، شڪيل قريشي ۽ ٻيا به ان موقع تي موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته حڪومت جي جاري ڪيل امدادي اسڪيمن ۾ بدعنوانين جي ڪري حڪومتي امداد اصل مستحقن تائين نٿي پهچي جنهن جي ڪري غربت ۾ گهڻي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته زڪوات کاتو، بيت المال ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مستحقن جي بجاءِ سياسي، اقربا پروري ۽ بدعنوانين جي ڪري غير مستحق ماڻهو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. جنهن سان غريب، نادار ۽ حقدارن جي حق تلفي ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي دعوئن جي مطابق اربين روپين جي امداد تقسيم ڪئي ويندڙ باوجود وفاقي اداره شماريات پاران مهانگائي ۽ بيروزگاري کان متاثر ساڍا 7 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لکير کان هيٺ مجبوري جي زندگي گذارڻ جي سروي رپورٽ حڪمرانن جي لاءِ لمحه فڪريه آهي. هن چيو ته غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جوڳا قدم نه کنيا ويا ته ان جا ملڪي معيشت تي وڌيڪ منفي اثر پوندا جنهن سان غريب جي لاءِ ٻن وقتن جي ماني جي بجاءِ هڪ وقت جي ماني حاصل ڪرڻ به مشڪل ٿي ويندو. هن صدر، وزير اعظم ۽ اعليٰ حڪام کان مطالبو ڪيو آهي ته غريبن جو معيار زندگي بلند ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيون ويندڙ امدادي اسڪيمن مان سياسي وابستگيون، اقربا پروري، پسند ۽ ناپسند ۽ شفارشن جو خاتمو ڪري اصل مستحقن تائن امداد پهچائڻ جا موثر قدم کنيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button