سکر

حڪومت اپوزيشن ۽ اتحادي اقتدار جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مفاهمت جي نالي تي مفادن جي سياست ڪري عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان بي خبر آهن: حاجي محمد جاويد ميمڻ

سکر (بيورو رپورٽ) سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جي ڪري غريب ۽ مفلس ماڻهن جي خودڪشين ۽ مرڻ جا واقعا حڪومت ۽ معاشري جي لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته حڪومت اپوزيشن ۽ اتحادي اقتدار جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مفاهمت جي نالي تي مفادن جي سياست ڪري عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان بي خبر آهن هو پنهنجي آفيس ۾ بيروزگار ۽ تعليم يافته نوجوانن جي وفد سان گفتگو ڪري رهيو هو، هن چيو ته غربت جي خاتمي ۽ سرڪاري امدادي اسڪيمن جي ذريعي مستحق ماڻهن جي داد رسي ۽ حڪومتي دعويٰ خودڪشين جي واقعن کانپوءِ غير موثر ٿي رهيا آهن، ان موقعي تي حاجي شفيق عباسي، عبدالفتاح راجپوت، برڪت علي سولنگي، عبدالرحيم سيٺي، ملڪ يعقوب ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ ان امر گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو ته باب الاسلام سنڌ جي شهر ڪنڊيارو جو نوجوان راجا خان رند پنهنجي يا پنهنجي زال جي نوڪري جي ڳولا ۾ در در جا ڌڪا کائيندو رهيو پر حڪومتي نمائندن، پارليامينٽ جي رڪنن ۽ آفيسرن ان جي مجبوري ۽ ڪسمپرسي جي حالت تي ڪو به اقدام نه کڻي هن کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو. جنهن جي ڪري بيروزگاري کان تنگ نوجوان روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد تائين پهتو، پر ان کي پنهنجي چونڊيل عوامي نمائندي سان ملڻ نه ڏنو ويو، جنهن سان دل برداشته ٿي ڪري هن پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻئي پاسي پينشن هولڊر ضعيف العمر ريلوي ملازمن کي پينشن حاصل ڪرڻ جي رڪاوٽن ۽ پريشانين جي ڪري هڪ بزرگ شخص رش جي ڪري پنهنجي زندگيءَ مان هٿ ڌوئي ويٺو انهن معاشرتي نا هموارين، خودڪشين ۽ مرڻ جي ذميوارين کي تعين ڪري اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ جي ذميواري حڪومت تي عائد ٿئي ٿي. هن چيو ته حڪومت بيروزگارن، مستحقن، ضرورتمندن جي امداد کي شفاف بڻائي ڪري اهل ماڻهن کي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي ۽ بيروزگار تعليم يافته نوجوانن کي رزوگار جي فراهمي جا ذريعا پيدا ڪري انهن جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪيو وڃي، واپاري اڳواڻن چوڻ هو ته 0 6 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ اسان بزرگ ماڻهن کي پينشن فراهم ڪرڻ جو طريقو واضع نه ڪري سگهيا سين جنهن جي ڪري هر مهيني پينشن حاصل ڪرڻ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جنهن جي ازالي لاءِ حڪومت کي واضع پاليسي جوڙڻ کپي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button