سکر

حضرت فقير قادر بخش بيدل جو 3 4 1 هون ساليانو عرس روھڙي ۾ شروع ٿي ويو

BEDAL KALAAMسکر (بيورورپورٽ) سنڌ ۽ هنڌ جي عظيم صوفي شاعر، مفڪر ۽ عالم حضرت فقير قادر بخش بيدل جو 3 4 1 هون ساليانو عرس مبارڪ خميس کان شروع ٿي ويو ۽ ٽن ڏينهن جي تقريبن جو آغاز ٿي ويو آهي حضرت فقير قادر بخش جي سالياني عرس مبارڪ جو افتتاح ثقافت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي مزار تي چادر چاڙهي ڪئي، ان کانپوءِ محفل سماع شروع ٿي ان موقعي تي بيدل يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري اختر درگاهي پاران مزار ڀرسان بيدل آڊيٽوريم هال تعمير نه ٿيڻ سميت ٻيا به مسئلا پيش ڪيا جنهن کانپوءِ سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي خطاب ڪندي چيو ته بيدل سائين جي عرس مبارڪ جو افتتاح صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو کي ڪرڻو هيو پر مجبورين سبب هتي اچي نه سگهي آهي. هن چيو ته فقير قادر بخش بيدل سنڌ جو وڏو شاعر آهي سنڌ ڌرتي اها ڌرتي آهي جتي مذهبي ڪٽرپڻي جنم نه ورتو آهي، شاه سائين سچل سرمست ۽ فقير قادر بخش بيدل جو ڪلام انسان ذات تي محبت جو درس ڏئي ٿو. اسان کي گهرجي ته انهن جي ڏسيل واٽ تي هلون ته ڪامياب ٿينداسون. اسان انهن جي ڏسيل واٽ کي ڇڏي ڏنو آهي تنهن ڪري نفرتن جنم ورتو آهي، هن چيو ته شاه سائين تي ڪلچرل سينٽر هيو، سچل سائين تي هن سل ڪلچرل سينٽر قائم ڪيو آهي، بيدل سئين جي مزار تي جيڪي ضرورتون آهن انهن کي به پورو ڪنداسين ۽ خرچ ثقافت کاتو ڀريندو ۽ ايندڙ سال عرس مبارڪ جي بجيٽ ۾ واڌارو ڪري 2 لک ڪئي ويندي، جڏهن ته 0 1 لک روپين جي سمري ٺاهي وزير اعظم ڏانهن به موڪلي ويندي، هن اعلان ڪيو ته صوفياڻو راڳ ڳائيندڙ 0 5 سالن کان وڌيڪ فقيرن کي ثقافت کاتي طرفان وظيفو ڏنو ويندو، اڄ بيدل جي مزار تي ميندي جي رسم ادا ڪئي ويندي ۽ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي. 5 1 آڪٽوبر 4 وڳي محفل مشاعرو ٿيندو ۽ 6 وڳي ادبي ڪانفرنس بيدل آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪئي ويندي جهن جو مهمان خاص وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاه هوندو آخر ۾ بيدل يادگار ڪميٽي طرفان صوبائي وزير سسئي پليجو ، ڊي سي او سکر انعام الله ڌاريجو ۽ ايڊمنسٽريٽر تعلقه روهڙي اعجاز علي پلهه کي مڃتا طور شيلڊون ڏنيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button