جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع سکر جي پريس سيڪريٽري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
سکر (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع سکر جي پريس سيڪريٽري امام الدين محمداڻي، پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي جسقم ضلعي سکر جي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ايجنسين جو ماڻهو آهي ۽ هٿ سان پارٽي اندر دوستن کي ٻڌرائي ٿو ۽ ڪارڪنن کي هٿ سان پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو جنهن ڪري پارٽي تباهه ٿي رهي آهي، 4 مهينا اڳ نساسڪ جي مسئلي تي في ڪارڪن کان 0 2 هزار روپيه ورتا هئا ۽ 0 2 ڪارڪنن جا پئسا کائي ويو، امام الدين محمداڻيءَ چيو ته جسقم مرڪز کي به ضلعي صدر بابت شڪايتون ڪيون ويون، مگر انهن به ڪو نوٽيس نه ورتو جنهن کانپوءِ جسقم ضلعي سکر جي پريس سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، پارٽي چيئرمين بشير خان قريشي کي اپيل ٿو ڪر يان ته سکر ۾ پارٽيءَ کي بچائڻو آهي ته غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو جي بنيادي ميمبر شپ ختم ڪئي وڃي جنهن کان ڪيترائي دوست تنگ ٿي ڪري استعيفائون ڏئي ويا آهن.