جماعت اسلامي ۽ الخدمت طرفان نوري آباد جي متاثرن ۾ امداد تقسيم
ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم پي اي مولاناعبدالوحيد قريشي الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڄام شورو جي امير سان گڏجي نوري آباد ۾ برسات متاثر هڪ سو ٻارنهن 112 خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا.ان موقعي تي مولانا عبدالوحيد قريشي خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ادارو الخدمت هميشه مشڪل گهڙي ۽ قدرتي آفتن جي موقعي تي پنهنجي متاثر ڀائرن جي هر ممڪن واهر ڪئي آهي.مظلوم ماروئڙن جي خدمت ۽ ڏکويل انسانن جي زخمن تي پها رکڻ کي جماعت اسلامي ۽ الخدمت پنهنجو اخلاقي،ديني ۽ قومي فريضو سمجهي ٿي.هن زور ڀريو ته حڪومت کي متاثرن جي مدد لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن ته جيئن ماروئڙا عزت واري زندگي گذارڻ سان گڏ جلد پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽي سگهن.الخدمت جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته انشاءِ الله جلد ٿاڻو بولاخان ۾ برسات متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويندو جنهن لاءِ اسان جي سروي ٽيم ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي.