جماعت اسلامي پاران سيري ۽ گاجا موري ۾ 200برسات متاثرخاندانن ۾ راشن ورهايو ويو ،ممتاز حسين سهتوسيري بس اسٽاپ وٽ قائم خيمه وسندي جو دورو ڪيو.
ڪراچي: الخدمت فائونڊيشن طرفان يوسي سيري ضلعي حيدرآباد ۾ گاجا موري سميت سيري جي 200برسات متاثر خاندانن ۾ راشن بيگ،پاڻي جا ڪولر،تڏيون ۽ ٻيو ضروري سامان ورهايو ويو .ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي امير شيخ شوڪت علي،نائب امير جعفرعلي نظاماڻي،ريليف انچارج ارشاد علي اگهيم ۽ نيعم مغل خطاب ڪندي چيو ته برسات سٽيل عوام امداد جو مستحق آهي،جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ادارو الخدمت پهرين ڏينهن کان مظلوم ماروئڙن جي خدمت ڪري پيو .برسات متاثرن جي مدد ڪري اهو اسان ڪنهن تي احسان نه بلڪه پنهنجو قومي ۽ اخلاقي فرض سمجهون ٿا.هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو الخدمت طرفان سيري بس اسٽاپ وٽ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيمپ جو دورو ڪيو۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو متاثرن جي هرممڪن مدد ڪن خيمه وسندي جي انچارج نعيم مغل ٻڌايو ته سيري بس اسٽاپ وٽ قائم خيمه وسندي ۾ ويهه خاندان ۽ 80 ماڻهوترسيل آهن .ممتاز حسين سهتو سيري لڳ پنهور آباد ۾ اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته طوفاني برسات جي شڪل ۾ آيل قدرتي آفت ڪري اڄ سنڌ جو عوام سخت مشڪل ۾ آهي .اهڙي صورتحال ۾ اسان کي پنهنجو قومي فرض سمجهي مظلوم ماروئڙن جي زخمن تي پها رکڻ گهرجن ڇوته اهي هن وقت واهر جا مستحق آهن.