جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي: مشاھد حسين سيد
سکر (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي تعزيت کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي. بيان بازين سان حڪومتون نه وينديون آهن. پيپلزپارٽيءَ سان اتحادي هجڻ باوجود اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسون. مگر سيٽ ايڊجسٽمنٽ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پنجاب ۾ تبديليءَ جي حوالي سان هن چيو ته مون کي علم نه آهي ته ائين ممڪن به نه آهي. هيلري ڪلنٽن جي دوري ۽ بيان تي ڪيل سوال جواب تي چوڌري شجاعت مشاهد حسين کي اڳي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي ۽ سالميت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ٿي سگهي. آمريڪا پهريان واضح ڪري ته ان جي ڏنڊي واري پاليسي آهي يا ڊائيلاگ واري آمريڪا جي سياسي اسٽيبلشمنٽ ڊائيلاگ چاهي ٿي ۽ آمريڪا جي ملٽري انٽيليجنس ڏنڊو چاهي ٿي. جن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.