ٺٽو

جاپان جي ڪراچي ۾ مقرر ڊپٽي ڪونسل جنرل ماسامچي ابي پاران ٺٽي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو.متاثرين جي مڪمل بحالي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين.

JAPANESE DIPLOMAT BRIEF BY DCO THATTAٺٽو: جاپان جي ڪراچي ۾ مقرر ڊپٽي ڪونسل جنرل ماسامچي ابي اڄ ٺٽي پهچي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي سان گڏ ٻوڏ متاثرن لاءِ مڪلي ٺٽي ۽ جاتي ۾ قائم ڪيل رليف ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي ڊي سي او ٺٽو جاپان جي سفارتڪار کي ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي جي ٻن تعلقن جي 11 يونين ڪائونسلن کي ٻوڏ سبب سخت نقصان پهتو ۽ هڪ لک 87 هزار ماڻهو متاثر ٿيا. ڊي سي او ٺٽو وڌيڪ ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي کي برساتن کان وڌيڪ نقصان ايل بي او ڊي جي ڪارو گونگھڙو سم نالي رسايو، جنهن ۾ پاڻي جي گنجائش 1230 ڪيوسڪ هئي پر ان ۾ 3080 ڪيوسڪ پاڻي آيو جنهن ڪري ان ۾ گھارا پيا، جڏهن ته ڪارو گونگھڙو جا ننڍا سم نالا لوڻيا ۽ شاه ڪپور پڻ پاڻي جي دٻاءُ سبب ابتا وهڻ لڳا. ان موقعي تي ماسامچي ابي چيو تي هن جو ٺٽي اچڻ جو مقصد ٻوڏ متاثرين جي مسئلن جو مشاهدو ڪرڻ آهي ۽ جاپاني حڪومت ۽ ان جو ڪراچي جو ڪونسليٽ ٺٽي جي ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button