ڪراچي

تيل قيمتن اضافو عوامي حڪومت جي واعدن ۽ دعون جي نفي آهي .اسدالله ڀٽو

asadullah bhuttoڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جي مذمت ڪندي ان کي ظالماڻو قدم ۽ عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ جي برابر قرار ڏنو آ هي .هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاڳيتو گهٽتائي باوجود پاڪستان ۾ تيل قيمتن ۾ بنا ڪنهن سبب جي اضافو عوامي ۽ جمهوري حڪومت جي واعدن ۽ دعون جي نفي آهي .تيل قيمتن ۾ هاڻو ڪي اضافي سان عوام جي مشڪلات ۾ اڃان به وڌارو ٿي ويندو ۽ ٽرانسپورٽ سميت زندگي جي روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿي ويندو .هن چيو ته مهانگائي،بيروزگاري،بدامني ۽ برستاتن سميت قدرتي آفتن سبب عام ماڻهو اڳ ۾ ئي سخت اذيت جو شڪار آهي .بدترين لوڊشيڊنگ ۽ هاڻي وري تيل جي قيمتن ۾ اضافو غريب عوام جي وات مان آخري گرهه به کسڻ جي ڪوشش آهي،زرداري حڪومت غربت کي ختم ڪرڻ جي بدران غريبن کي ختم ڪرڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button