ٺٽو

تعليم جو معيار بهتر بنائي ئي عالمي دنيا جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. صادق علي ميمڻ ۽ ڊي سي او ٺٽو جو تقريب کي خطاب

ENGR. SADIQ MEMONٺٽو: صوبائي وزير جيل صادق علي ميمڻ چيو آهي ته معياري تعليم کي هٿي ڏيارڻ بنا اسان جي قوم دنيا جي ٻين قومن جو مقابلو نٿي ڪري سگھي ۽ تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ لازمي آهي ته اسان سڀئي گڏجي جدوجهد ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ٺٽي لڳ ڳوٺ پير محمد بروهي ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت ۾ ٻن ڪمرن جي اضافي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. صحافي محبوب بروهي پاران منعقد ڪيل تقريب کي ايم پي اي حاجي محمد عثمان جلباڻي، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان پڻ خطاب ڪيو. صوبائي وزير صادق علي ميمڻ چيو ته سياسي قيادت متفقه طور ضلعي انتظاميه کي تعليم ۽ صحت وارن کاتن ۾ سڌاري لاءِ فري هينڊ ڏنو آهي جنهن سان ضلع جي قيادت جي ٺٽي جي عوام سان سچائي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ڪافي استاد سرڪاري اسڪولن ۾ ڊيوٽي نٿا ڪن ۽ اسان سڀني کي گڏجي انهن کي سندن فرض دلچسپي ۽ قومي جذبي سان ادا ڪرڻ تي مجبور ڪرڻو آهي ته جيئن قوم کي سٺا انجنيئر، ڊاڪٽر، سياستدان، سائنسدان ۽ سٺا انسان ملي سگھن. ان موقعي تي صارق ميمڻ استادن جون ڀرتيون ميرٽ تي ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تي ضلعي ۾ صلاحيتن جي کوٽ ناهي جنهن جو مظاهرو هن اسڪول جي ٻارن انگريزي ۾ تقريرون ڪري ڏيکاريو. هن اسڪول لاءِ وڌيڪ فرنيچر ۽ ڳوٺ لاءِ گرلز اسڪول جو اعلان ڪيو جڏهن ته 10 سالن تائين بغير عمارت جي اسڪول هلائڻ واري استاد رسول بخش کي 10 هزار روپيه انعام پڻ ڏنو. ڊي سي او چيو تي تعليم جي معيار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سرڪاري عملدارن کي اچانڪ دورن جو پابند بنايو ويندو. اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان چيو ته اسڪول جا ٻه ڪمرا 9 لک روپين جي لاڳت سان 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻا آهن پر ڪوشش ڪئي ويندي ته 6 مهينن کان اڳ ڪم مڪمل ڪيو وڃي. تقريب کي محبوب بروهي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button