مختصر خبرون

بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت ۾ پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.: مسلم ليگ فنڪشنل

سکر (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ سيد غضنفر شاهه موسوي، سماجي اڳواڻ سيد نسيم عباس شاهه، سيد جواد شاهه، سيد سجاد حسين شاهه موسوي، رضوان احمد شيخ، سلمان احمد شيخ سميت ٻين پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪوي آهي. هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت ۾ پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه سگهندو. جمهوريت لاءِ ڀٽو خاندان جون بي پناهه قربانيون آهن. ان جو مثال تاريخ ۾ نه ملندي ۽ ڀٽو خاندان ڏنل قربانين ملڪي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button