بيگم نصرت ڀٽو آمر ۽ جابر جو وڏي جذبي ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو: شرجيل انعام ميمڻ
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته محترمه بيگم نصرت ڀٽو جي وفات پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي بيگم نصرت ڀٽو آمر ۽ جابر جو وڏي جذبي ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، اڄ جي جمهوريت ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو وڏو ڪردار آهي، هن بيگم نصرت ڀٽو جي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو، مسلم ليگ ن طرفان لاهور مان نڪرندڙ ريليءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي وڏيون پارٽيون پختگيءَ جو مظاهرو ڪنديون تنهن هوندي به اسان جي ڪوشش آهي ته ماحول کي پر امن رکون اسان کي ليڊر شپ جي تلقين آهي ته جمهوريت لاءِ تصادم جي سياست نه ڪرڻي آهي ۽ سياسي پختگيءَ جو مظاهرو ڪندي ماضيءَ جي سياست کي وسارڻ گهرجي. اسان جي پارٽي جي ليڊرشپ سان گڏ هزارين ورڪرن جمهوريت لاءِ شهادتون ماڻيون، پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرشپ ۽ ڪارڪنن ۾ شهادت جو جذبو آهي، جيڪي هميشه جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.