مختصر خبرون
بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ۾ سيد غلام مجتبيٰ شاه کي چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو هڪ بهتر عمل آهي: سپلا
سکر (بيورو رپورٽ) بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ۾ سيد غلام مجتبيٰ شاه کي چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو هڪ بهتر عمل آهي، سپلا جو پراڻو مطالبو رهيو آهي ته سرڪاري سرپرستي ۾ تعليمي ادارن ۽ سنڌ جي تمام تعليمي بورڊن ۾ حاضر سروس ملازمن کي ترقي ڏئي ڪري اعليٰ عهدن تي فائز ڪيو وڃي. ان عمل سان هڪ طرف ادارن جي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ته ٻئي طرف صحيح حل جلد ممڪن ٿي سگهندو. سيد غلام مجتبيٰ شاه سکر بورڊ ۾ مختلف عهدن تي فائز رهي ڪري پنهنجا فرض احسن طور تي انجام ڏيندو رهيو آهي ان جو بورڊ جي اعليٰ عهدي تي فائز ڪرڻ بورڊ لاءِ هڪ سٺو قدم ثابت ٿيندو.