سکر
بلوچستان ۾ ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ جي باري ۾ مون کي ڪو به علم نه آهي: نواب اسلم رئيساڻي
سکر (بيورو رپورٽ) بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن به آزاديءَ جي تحريڪ جي باري ۾ مون کي ڪو به علم نه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان حقوق پئڪيج تي عملدرآمد ٿئي يا نه اهو ڏيڻ وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا توهان ان کان سوال ڪيو ته حقوق پئڪيج ڪٿي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي مقبول ۽ مضبوط پارٽي آهي ان جي سامهون تحريڪ ۽ لانگ مارچ جي ڪا به حيثيت نه ٿا رکن، هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات ڀٽو خاندان سميت پيپلزپارٽيءَ جي هر هڪ ڪارڪن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، ان جي وفات تي تمام پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪن غمزده آهن. هن چيو ته جمهوريت جي آزاديءَ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ ان جي جمهوريت لاءِ ڏنل قرباني کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.