شڪارپور

بروھي برادري جو شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي

Shikarpurشڪارپور (وحيد ڦلپوٽو) شڪارپور ۾ قتل ٿيل ٺري مير واه جو ڊي ايس پي عبدلطيف شر جي قتل کان پو۽ سندس وارثن جي فرياد تي پوليس چڙهايون ڪندي مدئجي ، شڪارپور مان گرفتاريون ڪندي بروهي برادري جي عورتن کي گرفتار ڪيو آهي اهڙي عمل خلاف شڪارپور شهر ۾ بروهي اتحاد جي اڳواڻ رفيق جان بروهي جي اڳواڻي ۾ رستم چوڪ کان لکي در تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رفيق جان بروهي چيو ته پوليس ناجائزي ڪندي بروهي برادري جي ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ انهن جو قاتلن سان ڪو واسطو نه آهي پوليس اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ بجا۽ بروهي برادري سان واسطو رکندڙ بي گناه ماڻهن ، عورتن کي پريشان ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه عورتون گرفتار ڪيون آهن هن ڊي پي او شڪارپور ۽ بالا آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري ۽ بي گناهه عورتن کي جلد کان جلد آزاد ڪري نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button