برسات سبب جانورن جي بچاءِ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جون ڪوششون
گل شير احمد/آئي پي آر او
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ جي واحد زرعي تدريسي مادرعلمي آهي، جيڪا سنڌ ۾ زرعي تدريس، تحقيق سان گڏ، آبادگارن جي تربيت، بک بدحالي ۽ غربت جي خاتمي بابت منصوبا هلائڻ سان گڏ، دنيا جي تدريسي، تحقيقي ادارن جي تعاون سان مختلف شعبن تي لڳاتار ڪم جاري رکيو پئي اچي، ۽ هتان جا ماهر، تعليمدان ۽ محقق هن اداري جي توسط سان زراعت، لائيواسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، فوڊ ٽيڪنالوجي، اينيمل پراڊڪٽ ٽيڪنالوجيز، زرعي انجنيئرنگ، فصلن جي پيداوار، آبپاشي،سميت لاتعداد شعبن تي پنهنجي ڳوڙهي تحقيق ڪري سنڌ پرڳڻي ۽ ملڪ لاءِ افرداي قوت ۽ ايجادات وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام صوبي جي اڪيلي مادرعلمي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان جي ڪيترن علائقن جي شاگردن ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي تدريسي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندس استاد به دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪي واپس اچي هتان جي شاگردن کي عالمي معيار جي تدريس ۽ تحقيق منتقل ڪندا، هي غريب پرور يونيورسٽي بيروزگارن ۽ گهريلو عورتن کي مختلف ننڍا ڪورس ڪرائي کين روزگار حاصل ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي هنري تربيتون ڪرايون آهن،، جڏهن ته هارين ۽ ڀاڳين جي هر اهنج ۽ سنڌ تي آيل هر مصيبت ۾ هن اداري جي استادن ۽ ملازمن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي، گذريل سال ٻوڏ ۾ به زرعي يونيورسٽي زراعت ۽ لائيواسٽاڪ وارن شعبن ۾ ٿيل تباهي کي روڪڻ ماڻهن جي بحالي ۽ پاڻي جي نيڪال سان گڏ جانورن ۾ بيمارين جي روڪٿام لاءِ علاج ۽ تدبيرون ڏنيون.
تازو ٿيل برساتن ۽ تباهي بعد علائقن ۾ ماڻهن کي درپيش مسئلن خاص طور تي زرعي ۽ چوپائي مال جي ٿيل نقصان کي روڪڻ، جانورن کي بيمارين کان بچائڻ توڙي متاثرن جي بحالي جي حوالي سان زرعي يونيورسٽي پاران سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ علائقن ۾ دورا ڪرڻ بعد چوپائي مال ۾ مختلف بيماريون هجڻ جي تصديق ڪئي آهي، فيڪلٽي آف اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرنري سائنسز جي ماهرن ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، ڊاڪٽر الله بخش ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالطيف ڀٽو، ڊاڪٽر رياض حسين لغاري، ڊاڪٽر نظر ڪوريجو ۽ ٻين موبائيل اسپتال ذريعي ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، بدين، مٽياري، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد سميت مختلف ضلعن جي سوين علائقن ۾ پهچي اتي متاثر علائقن جي جانورن ۾ مختلف موسمي، چمڙي، ساهه، ڪيڙن(چچڙن) پيٽ جي بيمارين هجڻ جي تصديق ڪئي آهي، ان حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته زرعي يونيورسٽي جي ٽيمن هنگامي بنيادن تي ابتدائي علاج سان گڏ ننڍا آپريشن ۽ دوائون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل لکين روپين جي دوائن واري موبائيل اسٽور جو جائزو ورتو، ان موقعي تي وائيس چانسلر چيو ته موجوده برسات سبب جتي سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، اتي چوپائي مال جو به تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، هن چيو ته چوپائي مال وارو کاتو ان طرف توجهه ڏئي ۽ جانورن جا اعليٰ نسل بچائڻ لاءِ موبائيل اسپتالن سان گڏ انهن جانورن جي صاف علائقن ۾ منتقلي وارو ڪم به سرانجام ڏئي، هن چيو ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا ايڪسپرٽ فوري طور ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي سان گڏ جانورن جي بچاءَ لاءِ پنهنجو ڪم تيز ڪن، هن زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران جوڙيل رليف ڪاميٽي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد سان گڏ متاثر علائقن ۾ واهر ڪرڻ واري عمل کي هاڪاري قرار ڏيندي، فوري طور زراعت ۽ چوپائي مال کي نقصان کان بچائڻ لاءِ انهن علائقن ۾ تيز ترين دورا ڪرڻ ۽ تجويزن تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، ٻئي طرف يونيورسٽي جي جوڙيل ڪاميٽي ماڻهن جي بحالي انهن کي کاڌخوراڪ جو سامان، رهائش لاٰ خيمن ۽ ٻي شين جي مدد لاءِ پاڻ، مختلف سرڪاري غير سرڪاري ادارن ۽ بئڪن سميت مختلف ادارن سان لاڳيتو رابطو قائم رکيو آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي هدايتن تي بحالي جي ڪم سان گڏ انگ اکرن جي جوڙجڪ، علائقن ۾ ٿيل زرعي ۽ سماجي جوڙجڪ واري نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ ان جي بحالي تي تجويزون جوڙيون آحن، جيڪي سرڪار ڏانهن روانيون پڻ ڪيو پيون وڃن، ڪنهن به وقت فصلن کي نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ چوپايو مال ماڻهن کي بک کان بچائيندو آهي ۽ معاشي ذريعو بڻيو رهيو آهي پر تازي صورتحال ۾ چوپايو مال کي به سخت نقصان ٿيو آهي، جنهن جي بچاءَ لاءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ماهرن پاران شروع ڪيل ڪم انتهائي سارهه جوڳو آهي ۽ زرعي يونيورسٽي جا ايڪسپرٽ ان تي انتهائي گهرائي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن..