اسلام آباد

بجلي جي بحران جو سهارو وٺي ڪنهن کي طاقت جي سياست ڪرڻ نه ڏينداسين: صدر زرداري

Asif Ali Zardariاسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بجلي جي بحران جو سهارو وٺي ڪنهن کي طاقت جي سياست جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ هدايت ڪئي آهي ته توانائي جي مسئلن تي مستقل بنيادن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ بجليجي فراهمي بهتر بنائي وڃي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس سومر تي ايوان صدر ۾ ٿيو صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ٻڌايو ته اجلاس ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته بجلي جي فراهمي، اقتصادي صورتحال، امن امان ۽ اتحادي حليفن سان لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيد نويد قمر ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد جي صورتحال ۽ توانائي جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي نويد قمر چيو ته ساڍا 4 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار وڌائي بحران تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 45 سئو ميگا واٽ جي ڀاشا منصوبي سان حڪومت ڊگهي عرصي اپاءَ وٺي رهي آهي ۽ ان جو سنگِ بنياد ايندڙ هفتي رکيو ويندو. وزير اعظم اقتصادي صورتحال ۽ اتحادي حليفن سان لاڳاپن بابت بريفنگ ڏني مخدوم امين فهيم پنهنجي تازي ڀارت جي دوري ۽ ڀارتي حڪومت سان پاڪستان جي يورپي يونين طرفان تجارتي مراعت ۾ اعتراض ختم ڪرڻ بابت اتفاق راءِ جي حوالي سان ٻڌايو صدر سنڌ جي گورنر ۽ وزير اعليٰ سان ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ملاقات کان آگاه ڪيو جنهن ۾ صوبائي حڪومت پاران ڪراچي جي صورتحال بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل در آمد لاءِ قدمن جو جائزو ورتو هيو. فرحت الله بابر چيو ته صدر زور ڀريو ته توانائي جي مسئلن تي مستقل بنيادن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ بجلي جي فراهمي بهتر ڪئي وڃي ڪنهن کي بجلي جي نالي تي طاقت جي سياست جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر سيد نعير حسين بخاري مخدوم امين فهيم چوڌري احمد مختار سيد خورشيد شاه مخدوم شهاب الدين سيد نويد قمر سينيٽر رضا رباني سينيٽر جهانگير بدر سينيٽر فيصل رضا عابدي نظر محمد گوندل راجه پرويز اشرف قمر الزمان ڪائراه رخسانه بنگش فوزيه وهاب فوزيه حبيب مهرين انور راجه ۽ صدر جو ترجمان فرحت الله بابر شريڪ ٿيو.صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پاران معاملو اٿارڻ تي بدين ۾ واپڊا جي ماهرن جي خصوصي ٽيم موڪلڻ جي هدايت ڪئي جيڪا بدين مستقل بنيادن تي پاڻي نيڪال جو منصوبو تجويز ڪندي ۽ صدر چيو آهي ته ماحوليات جي تبديلي سبب ٻوڏ جي تباهڪاري معمول بنجي سگهي ٿي ان لاءِ اسان کي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي عرصي منصوبا جوڙڻا پوندا ٻوڏ جو پاڻي جهنگن طرف وهائڻ لاءِ منصوبو تيار ڪيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چوٿين وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي منتخب نمائندن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي سرڪاري عملدارن سان رابطو ڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو هي سيٽ لائيٽ وڊيو ڪانفرنس ايوان صدر جي خصوصي فلڊ ڪنٽرول سيل ۾ ٿي صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ٻڌايو ته صدر جي هدايت تي سيد قائم علي شاه ۽ ايم ڪيو ايم جي صوبائي وزيرن سميت مير پور خاص ۾ موجود وزيرن صدر کي تفصيل کان آگاه ڪيو هي ڪيمپ مير پور خاص ٿرپارڪر سانگهڙ ۽ عمر ڪوڙ لاءِ جوڙي وئي آهي. ترجمان چيو ته هن وڊيو ڪانفرنس ۾ صدر سيد قائم علي شاه ۽ عوامي نمائندن کي هدايت ڪئي ته امداد جو ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن کي سياري جي مند شروع ٿيڻ کان اڳ شيلٽر فراهم ڪيا وڃن. هن وڊيو ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا سيد نويد قمر سلمان فاروقي نواب يوسف ٽالپر شيري رحمان فوزيه وهاب فرح ناز اصفحاني فرحت الله بابر اين ڊي اين اي جو چيئر مين ظفر اقبال قادر چيئر مين نادرا علي ارشد حڪيم ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار موجود هئا. صدارتي ترجمان موجب مير پور خاص تي بريفنگ دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته 31 هزار کان وڌيڪ خيما ٽن لکن کان وڌيڪ فيملي پيڪ 23 هزار ڪمبل 8 هزار واٽر پيوريفڪيشن يونٽ پاڻي ٻاهر ڪڍندڙ 3 پمپ ۽ 16 هزار مڇر داڻيون صرف مير پور خاص ۾ ورهايون ويون آهن. جڏهن ته پيئڻ جو پاڻي دوائون ۽ خوراڪ ان کان علاوه آهي جيڪا ضلعي جي 7 لک کان وڌيڪ متاثرن کي فراهم ڪئي وئي آهي. سانگهڙ ۾ 35 هزار کان وڌيڪ خيما 2 لک 41 هزار فيملي پيڪ پاڻي ڪڍندڙ 4 پمپ 4 هزار مڇر داڻيون ۽ 10 لک کان وڌيڪ متاثرن کي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون آهن. لاڳاپيل ڊي سي اوز صدر کي صحت جي سهولتن ۽ دوائن جي فراهمي بابت ٻڌايو صدر ضرورتن ۽ سپلاءِ جي صورتحال تي معلومات ورتي. ترجمان چيو ته فهميده مرزا پاران بدين ۾ پاڻي جو معاملو اٿارڻ تي صدر هدايت ڪئي آهي ته واپڊا جي ماهرن جي خصوصي ٽيم کي فوري طور تي بدين جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ مستقل بنيادن تي پاڻي ڪڍڻ جو منصوبو تجويز ڪرڻ گهرجي. فهميده مرزا ٻڌايو ته ڪجهه ٻين علائقن مان ڪڍيل پاڻي بدين ۾ بهجي ويو آهي ان لاءِ خصوصي منصوبا اڻٽر آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته هن سمورن متاثر علائقن جو ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ دورو ڪيو آهي ۽ متاثرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته هو هي دورو جاري رکندو ۽ وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي امدادي سرگرمين کي تيز ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button