اسلام آباد
بجلي تي سبسڊي وڌيڪ گهٽائڻ جو فيصلو، اگهه 40 پئسا في يونٽ وڌڻ جو امڪان
اسلام آباد (م ڊ) بجلي تي ڏني ويندڙ سبسڊي کان 24 ارب رپيا وڌيڪ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي ويندي. پاڻي۽ بجلي جي وزارت جي ذريعن موجب حڪومت بجلي تي ڏني ويندڙ سالياني 190 ارب رپين جي سبسڊي کان وڌيڪ 24 ارب گهٽائڻجو فيصلو ڪيو آهي. سبسڊي گهٽ ٿيڻ سان بجلي جو في يونٽ اگهه 36 مان 40 پئسا في يونٽ وڌي ويندو پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جون قيمتون وڌائڻ کان علاوه صارفين جا سليڪ به گهٽايا پيا وڃن.