سکر

اگر پنجاب جو وڏو وزير صدر کي نٿو مڃي ته اسان به پنجاب جي وڏي وزير کي نه ٿا مڃون: امتياز صفدر وڙائچ

shahbaz zardariسکر( رپورٽ: عمر سومرو)پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر امتياز صفدر وڙائچ چيو آهي ته اگر پنجاب جو وڏو وزير صدر کي نٿو مڃي ته اسان به پنجاب جي وڏي وزير کي نه ٿا مڃون، هن پنجاب جي وڏي وزير کي مشورو ڏنو ته اگر اهو سمجهي ٿو ته ان جي لانگ مارچ يا احتجاجي تحريڪ هلائڻ سان حڪومت ختم ٿي ويندي ته اها انهن جي ڀل آهي، اگر پ پ جي ڪارڪنن رائيونڊ محل تي ڌرڻو ڏنو ته پنجاب حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪا به دشواري پيش نه ايندي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري عوام جو منتخب صدر آهي ۽ ان کي صدر پاڪستان تسليم ڪر ڻ وارا اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان جي عوام کي هر لحاظ کان بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ هر موڙ تي پنهنجي عوام جو ساٿ نه ڇڏيندي. هن چيو ته حڪومت تي ڪرپشن جا الزام هڻڻ وارا پنهنجي گريبانن ۾ ڏسن ته انهن کي ڪرپشن پنهنجو پاڻ ئي نظر ايندي هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جمهوريت لاءِ ڀٽو خاندان جي قربانيون رائيگان نه وينديون، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو هر هڪ ڪارڪن پنهنجي شهيد قائدن جي نقش قدم تي عمل پيدا ٿي ڪري صبر جو دامن نه ڇڏيندو ۽ سڄي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي به عوام جي بي لوث خدمت ڪندي انهن جي مشن کي جاري ۽ ساري رکنداسين. محترمه بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر ليڊر آهي هن جمهوريت جي آزاديءَ لاءِ جن مشڪلاتن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو جمهوريت لاءِ ان جون قربانيون سڄي قوم ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهي ڀٽو خاندان لاءِ ان جي وفات هڪ وڏو سانحو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button