اگر ريلوي کي منافعي بخش طريقي سان هلائڻو آهي ته کاتي مان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو: ريلوي يونين جو اڳواڻ
سکر (بيورو رپورٽ)پاڪستان ريلوي ٽريفڪ يارڊ جو هڪ اهم اجلاس روهڙيءَ ۾ مولي ڏنو جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جو مهمان خصوصي مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالرحمان عرف جڳا هو. هنن چيو ته اگر ريلوي کي منافعي بخش طريقي سان هلائڻو آهي ته کاتي مان پهريان ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو. عبدالرحمان عرف جڳا عدالتي ٽيم ٺاهي ڪري جوابدارن کي پڪڙي سگهجي ٿو. جهڙي طرح بجلي جو بل ملازمن جي پگهارن مان ڪٽيو وڃي ٿو. مگر حڪومت جمع نه ٿي ڪرائي، کاتي ۾ آفيسرن جي فوج ۽ شاهه خرچين سبب ريلوي کي وڌيڪ نقصان پهتو آهي. ان ۾ آفيسرن جي تعداد گهٽائي وڃي ۽ 5 5 9 1 ع ۾ جيڪا تعداد هئي اها مقرر ڪئي وڃي. بينظير جي دور ۾ جيڪي ريلوي انجڻ، بوگيون ۽ اسٽيشن هليون انهن جو ڪو به ريلوي کي معاوضونه مليو جنهن جي ڪري ريلوي اڃان تائين خساري ۾ هلي رهي آهي. کاتي کي انجڻ ۽ ريل کي تيل پورو نه ملي رهيو آهي. ان موقعي تي چيئرمين چاچا خادم حسين، خليل احمد جمالي، عرض محمد، امان الله انڙ، اشفاق احمد انڙ، عبدالسلام ، قمر الدين لاشاري ۽ ٻيا به موجودهئا. ڊي ايس الطاف حسين ڦلپوٽو کي چارچ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ڪئي ته هو اسان سان تعاون ڪندو. جنرل سيڪريٽري عبدالوحيد ڦلپوٽو چيو ته آفيسرن کي ٽائيم تي پگهارون ملي وينديون آهن ۽ مزدورن کي اڄ ڏينهن تائين ٽائيم تي پگهارون نه ملي سگهيون آهن.