ٺٽو

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران ٻوڏ سٽيل سامونڊي علائقن جي بحاليءَ لاءِ 100 ملين ڊالر جو اعلان.

ADB PAKISTAN MISSION VISIT OF THATTAٺٽو: ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان مشن صوبي سنڌ جي ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي علائقن ۾ ٻوڏ جي نقصانن جو جائزو وٺندي انهن علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي وغيره لاءِ 100 ملين ڊالر جا فنڊ مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان اڄ ٺٽي جي دوري تي آيل اي ڊي بي پاڪستان مشن جي ڊائريڪٽر مسٽر وارنر لي پيچ جي سربراهي ۾ هڪ اعلٰي سطحي وفد دربار هال مڪلي ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي پاران ٻوڏ جي نقصانن جي حوالي سان ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي منصوبه بندي ۽ ترقيات کاتي جي ڪنسلٽنٽ محمد عمر ميمڻ پڻ وفد کي ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي علائقن جي عوام لاءِ جاري منصوبي ايس سي سي ڊي پي کي ٻوڏ سبب پهتل نقصانن بابت بريف ڪيو. بريفنگ ۾ وفاقي حڪومت جي جوائنٽ سيڪريٽري جاويد انور، ضلعي جي اي ڊي او روينيو ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال، اي ڊي او ورڪس سروسز شفيق الرحمان، ڊي او روينيو آغا شاهنواز بابر، رائو عاطف رضا ۽ ٻيا موجود هئا. ڊي سي او ٺٽو اي ڊي بي مشن کي بريف ڪيو ته برساتن سان گڏو گڏ ٺٽي ۾ ٻوڏ جو وڏو سبب ايل بي او ڊي جا سم نالا هئا، جن ٻن تعلقن جاتي ۽ ميرپور بٺورو کي سخت متاثر ڪيو. هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 18 ماڻهو فوت ٿيا، 629 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا جتي 8415 گھرمڪمل طور ۽ 9846 گھر جزوي طور تباه ٿيا، جنهن جي ڪري 177838 ماڻهو بي گھر ٿيا ۽ 108502 ايڪڙن تي بيٺل چانور، ڪپهه ۽ ڪمند جو فصل تباه ٿي ويو. هن وڌيڪ آگاه ڪيو ته ٻوڏ سبب 354 ڪلوميٽر ورڊ ۽ 341 اسڪول تباه ٿي ويا جڏهن ته 560 ٻين اسڪولن کي پڻ نقصان پهتو. هن چيو ته ماڻهن جو گذر زراعت تي آهي جيڪا تباه ٿي وئي آهي. پي اينڊ ڊي جي محمد عمر ميمڻ مشن کي ٻڌايو ته ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي پٽي جي رهواسين جي لاءِ هلندڙ سنڌ ڪوسٽل ڪميونٽي ڊولپمنٽ پراجيڪٽ کي به نقصان پهتو آهي ڇو ته ان علائقي جا 317 ڳوٺ تباه ٿيا آهن جن جي نقصان جو ڪاٿو 13. 907 ملين روپيه لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن علائقن ۾ ترقياتي ڪم وقت به وقت ايندڙ سائڪلون جو مقابلو ڪرڻ جي سگھ رکندڙ ڪرايا وڃن. ان موقعي تي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ پاڪستان مشن جي ڊائريڪٽر مسٽر وارنر چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ صوبي لڳاتار ٻه سال تمام ڳرو نقصان برداشت ڪيو آهي ۽ ان جو زرعي شعبو ختم ٿي ويو آهي. هن ٺٽي ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ بحالي جي ڪمن لاءِ 100 ملين ڊالر جا فنڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ وفد ٻوڏ سٽيل جاتي جي دوري تي روانو ٿي ويو. بئنڪ جي وفد تاريخي قبرستان مڪلي جو دورو پڻ ڪيو جنهن کي يونيسڪو پاران عالمي ورثي جو درجو ڏنو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button