ايراني حڪومت جي اعلٰي سطحي وفد جو ٺٽي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو. سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي امداد، بحالي ۽ خصوصن انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جو اعلان.
ٺٽو: ايراني حڪومت سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي آبادڪاري لاءِ انفرا اسٽرڪچر جي ٻيهر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. اهڙو اعلان ايراني حڪومت جي هڪ اعلٰي سطحي وفد ايران حڪومت جي نائب وزير ۽ ايران ڪرائسس مئنيجمينٽ جي سربراه جناب قدمي جي اڳواڻي ۾ اڄ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو شروع ڪندي ٺٽي پهچي ڪيو. ٺٽي پهچڻ تي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ اي ڊي او روينيو حفيظ احمد سيال ايراني وفد کي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ضلعي ٺٽي کي پهتل نقصانن بابت بريفنگ ڏيندي آگاه ڪيو ته 220 ملي ميٽر برسات ۽ ايل بي او ڊي جي سم نالن سبب ٺٽي ضلعي جي ٻن تعلقن جاتي ۽ ميرپور بٺورو ۾ تباهي آئي ۽ 187000 ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 35666 ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ تباه ٿي ويا. وفد کي ٻڌايو ويو ته 629 ڳوٺن کي نقصان پهتو، جڏهن ته 11 يونين ڪائونسلن جو انفرا اسٽرڪچر پڻ تباه ٿي ويو. ايراني حڪومت جي وفد سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرين جي امداد، بحالي ۽ خصوصن انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وفد ٺٽي جي ٻوڏ متاثر علائقن جي اسڪولن، اسپتالن ۽ روڊن جي نئين سر تعمير ۽ غريب ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي ٻيهر تعمير لاءِ فوري طور ڪم شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ضلعي انتظاميه ٺٽي کي انهن علائقن ۽ جڳهن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ چيو جتي ايراني حڪومت فوري طور تي تعمير ۽ بحالي وارو ڪم شروع ڪري سگھي. وفد ان ڏس ۾ تعميراتي مٽيريل جي موجودگيءَ جو پڻ معلوم ڪيو جنهن تي ڊي سي او ٺٽو ٻڌايو ته سيمنٽ کان وٺي هر قسم جو تعميراتي مٽيريل وڏي مقدار ۾ ٺٽي ۾ موجود آهي. بعد ۾ وفد ڊي سي او ٺٽو، اي ڊي او روينيو ٺٽو ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندي ڪامران دوست سان گڏ جاتي، سجاول ۽ بدين ضلعي جي دوري تي روانه ٿي ويا. وفد ۾ ايراني حڪومت جي ڪرائسس مئنيجمينٽ، ريهيبليٽيشن ۽ ريڪنسٽرڪشن، انقلاب ايران هائوسنگ فائونڊيشن ادارن جي اڳواڻن محمد فريد لطيفي، عزيز الله مهادين، هادي درفشي، مجيد جُدي، احمد رضا فتهي، حامد عظيمي، ابراهيم علي حڪيمي ۽ مهراڻ عباسي شامل هئا.