القاعده پاران بلاول ڀٽو زرداري کي اغوا واري منصوبي جو انڪشاف، شهباز تاثير افغان سرحدي علائقي ۾ آهي: وفاقي سرڪار
اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته شهباز تاثير زندهه آهي ۽ پاڪ-افغان سرحد ويجهو علائقي ۾ آهي، سياسي قيادت ۽ وي آءِ پيز کي دهشتگردن مان خطرو آهي، القاعده ۽ تحريڪ طالبان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وي آءِ پيز کي اغوا ڪري سگهن ٿا، انهن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، ڪنهن به خانگي ايجنسي يا بليڪ واٽر سان ڪو به تعلق نه آهي.سومر جي ڏينهن نادرا هيڊوڪارٽرز ۾ ملازمن کي مستقل ڪرڻ واري موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀٽو خاندان جون ملڪ لاءِ قربانيون سڀني آڏو آهن. القاعده ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان طرفان 2 هفتا اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اغوا ڪرڻ جي رٿابندي جو اطلاع مليو هو. هن چيو ته دهشتگردن جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. سياسي قيادت ۽ سمورن وي آءِ پيز کي دهشتگردن مان خطرو آهي. القاعده ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي مفادن خلاف سرگرم آهن. انهن جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير انڪشاف ڪيو ته شهباز تاثير کي افغان سرحد ويجهو علائقي ۾ رکڻ بابت پتو پيو آهي، هو زندهه آهي ۽ ان جي حفاظت سان بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اسلام آباد مان دهشتگردن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ خطرناڪ ميزائل، هينڊ گرنيڊ ۽ ڳرا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ دهشتگردن جا ارادا مٽيءَ ۾ ملايا ويا آهن. هن چيو ته 4 سال اڳ ملڪ ۾ هر طرف ڌماڪا ۽ آپگهاتي حملا ٿي رهيا هئا پر هاڻي صورتحال ضابطي هيٺ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن مٿان بليڪ واٽر جا الزام لڳايا ويا، هو واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪا به بليڪ واٽر نه آهي، هتي صرف پاڪستان واٽر آهي، جيڪڏهن ثابت ٿي وڃي ته هن جو ڪنهن خانگي ايجنسي يا بليڪ واٽر سان تعلق آهي ته کيس ڦاهي تي لٽڪايو وڃي. هن چيو ته ڪيترائي سياسي اڳواڻ هتان کان پرڏيهه وڃي سياسي پناهه حاصل ڪندا رهيا ۽ جيڪڏهن کيس پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي جان بچائڻ لاءِ هتان وڃڻو پيو هو ته هن خالي هٿين برطانيا وڃي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران محنت شروع ڪئي ۽ “شفاف” نالي ڪمپني ٺاهي پنهنجي واپار شروع ڪيو. هن چيو ته سندس ڪا به ڳجهي ايجنسي نه آهي. صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي وزارت جو عهدو سنڀالڻ بعد هن واپاري ڪمپني ۽ ٽي وي چينل تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن چيو ته وقت اچڻ تي پرڏيهه ۾ پناهه حاصل ڪندڙ امير اڳواڻن جا نالا سامهون آڻيندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ