ڪراچي

اسپيڪر ذوالفقار مرزا جي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي

NisarKhoro commisionaryڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بدين مان صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 57 تان چونڊيل ميمبر ۽ اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي استعيفيٰ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر منظور ڪري ورتي آهي. سندس استعيفيٰ منظور ٿيڻ بعد پي ايس 57 جي سيٽ خالي ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سومر تي شام جو سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ واري درخواست سومر تي ملي ۽ درخواست جو اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جائزو ورتو ويو جيڪا درخواست هٿ سان لکيل هئي، جائزي وٺڻ کان پوءِ اسپيڪر جي حيثيت سان درخواست بابت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان فون تي رابطو ڪيو ويو جنهن تصديق ڪئي ته آئون اسيمبلي ميمبر نه ٿو رهڻ چاهيان، ان لاءِ سندس هٿ سان لکيل درخواست منظور ڪئي وڃي. نثار احمد کهڙي چيو ته اهڙي تصديق بعد سندس استعيفيٰ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي. نثار کهڙي چيو ته درخواست ۾ ڪي به سبب نه ڄاڻايا ويا آهن پر هن رضاڪاراڻي نموني استعيفيٰ ڏني آهي جيڪا منظور ڪئي وئي آهي. اسپيڪر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 64 تحت جيڪو به ميمبر استعيفيٰ ڏيڻ چاهيندو آهي ان کي پنهنجي هٿ سان درخواست لکڻي پوندي آهي جيڪا اسپيڪر حوالي ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به هٿ سان درخواست لکي پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي هاڻي اليڪشن ڪميشن ڪندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان سيٽ خالي قرار ڏيڻ بعد ان تي ضمني چونڊ ڪرائي ويندي. نثار کهڙي چيو ته جيڪو ميمبر پنهنجي چونڊيل حيثيت کي تسليم نه ٿو ڪري ان کي سياست ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي اسيمبلي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن انهن کي سياست لاءِ اهل نه سمجهڻ گهرجي. مسلم ليگ (ن) وارن کي نادان دوستن شايد اهو ٻڌايو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ سندن ڪاميابي جا ڪي به امڪان ناهن ان لاءِ هو سينيٽ جي چونڊن کان لنوائي رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button