خيرپور

استادن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان خيرپور ۾ ھڪ سيمينار ٿي گذريو

Khairpur Semenarخيرپور: استادن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان خميس ڏينهن خيرپور ۾ سنڌ ڊوالپمينٽ سوسائٽي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ يونيسڪو جي تعاون سان هڪ سيمنار منعقد ڪيو ويو. جنهن کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اڳواڻ اياز ميمڻ ۽ ڪميونٽي ٽريننگ سينٽر جي استادن غفار ملڪ ۽ اسما بيبي استادن جي محنت ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪندي چيو ته شاگرد قوم جا معمار آهن جيڪي معاشري ۾ انتها پسندي، عدم برداشت ۽ جهالت کي ختم ڪرڻ کان علاوه امن جي پيغام کي هٿي ڏيڻ توڙي ملڪي سلامتي کي مستحڪ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هنن چيو ته استاد جي عزت هڪ مقدس فرض آهي ان موقعي تي هنن ٽيچرس کان واعدو ورتو ته هو پنهنجي شاگردن کي پنهنجو اسڪولن ۾ وڃي انهي محنت ۽ لگن سان پڙهائين ۽ پنهنجي استاد هئڻ جو فرض چڱي نموني سرانجام ڏين. سيمينار ۾ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ نظير احمد اڄڻ ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي مختلف تنظيمن ۽ مختلف اسڪولن کان آيل سوين شاگردياڻين استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٽيبلوز، ملي نغمه ۽ ڊرامه پيش ڪري استادن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. آخر ۾ ليڊي ٽيچرس ۾ سلائي مشينون ورهايون ويون ۽ بهترين ڪارڪردگي تي نوجوان شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button