مختصر خبرون

ڪسٽم اهلڪارن ڪوئيٽه کان ڪراچي ويندڙ مسافر مان غير قانوني سامان بر آمد ڪيو

سکر (بيورو رپورٽ) سکر سٽي باءِ پاس تي ڪسٽم اهلڪارن ڪارروائي ڪندي ڪوئيٽه کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس کي روڪي ڪري تلاشي ورتي ته ڇت تي ٻورين ۾ بند وڏي تعداد ۾ غير قانوني سامان بر آمد ڪيو، ذريعن مطابق ڪيترن ئي ٻورن ۾ موجود لکين روپين جي ماليت جا موبائل فون ۽ اليڪٽرانڪ سامان هيو، جيڪو ڪوئيٽه کان ڪراچي اسمگلنگ ڪيو پيو وڃي، انٽيليجنس اهلڪارن جي مبينه طور تي ڪارروائي بعد ڪيس داخل ڪرڻ بدران قبضي ۾ ڪيل سڄو سامان سرڪاري گاڏي ۽ نجي گاڏين ۾ وجهي ڪري ڪسٽم آفيس منتقل ڪري ڇڏيو، موقعي تي موجود اهلڪارن ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري ڪرڻ جي تصديق نه ڪئي آهي ۽ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button