سکر

ڏکيل انسان جي خدمت سنت رسول ۽ اجر جو باعث آهي: حافظ منظور الاهي

flood7سکر (بيورو رپورٽ) اهلحديث يوٿ فورس پاڪستان جي نائب ناظم اعليٰ حافظ منظور الاهي چيو آهي ته ڏکيل انسان جي خدمت سنت رسول ۽ اجر جو باعث آهي، ان لاءِ مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان هر وقت پنهنجي ڏکويل ڀائرن جي مدد لاءِ تيار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي جامع مسجد اهلحديث مارچ بازار سکر ۾ عيد پئڪيج متاثرين ۾ تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان جي ريليف ڪميٽي جي ميمبر مولانا عبدالرحمٰن ثاقب، اهلحديث يوٿ فورس سنڌ جي صدر قاري عبدالعزيز مڱريو، ضلعي امير مولانا محمد عثمان حاجي عبدالمتين بنڌاڻي، عبدالغفار ڪمبوه ۽ ٻيا هئا، ان موقع تي رهنمائن چيو ته هي وقت اتحاد ۽ يڪجهتي جي مظاهري ڪرڻ جو آهي پنهنجي ڏکيل ڀائرن جي مدد ڪرڻ کپي. هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته عيد جي خوشين ۾ پنهنجي ڀائرن کي شريڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچن ۽ دل کولي ڪري خرچ ڪن ته جيئن احساس محرومي جو شڪار نه ٿين. هنن چيو ته عيد جي موقعي تي هر غريب عوام لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ قربانيءَ جو پروگرام ٺاهيو ويو آهي، اسان جي ملڪ جي سياستدان ۽ حڪمران صرف پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هنن چيو ته اڄ محرابپور سيال آباد ، ڀريا روڊ ، مورو وغيره ۾ سامان تقسيم ڪيو ويندو ان کانپوءِ ڪارروان اڳتي وڌندو سنڌ جي آخري حصي تائين ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button