مختصر خبرون

ڀٽو جو وارث ڀٽو آهي ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي ميت المرتضيٰ هائوس آندي وڃي: پي پي شھيد ڀٽو

سکر (بيورو رپورٽ) محترمه نصرت ڀٽو جي ميت جي سکر ايئرپورٽ تي آمد جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ پاران سکر ايئرپورٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرو ڪندڙن حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جو جنازو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي مان کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هيو ته ڀٽو جو وارث ڀٽو آهي ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي ميت المرتضيٰ هائوس آندي وڃي جتي غنويٰ ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر آخري رسمون ادا ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button