ڀارتي سپريم ڪورٽ اجمل قصاب جي موت واري سزا تي عمل روڪي ڇڏيو

نئين دهلي (م ڊ ) ڀارتي سپريم ڪورٽ ممبئي حملي ڪيس ۾ اجمل قصاب جي موت جي سزا تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته جيستائين عدالتي وڪيل راجو رام چندرن ڪيس ۾ پنهنجي راءِ نه ڏي اجمل جي سزا تي عملدرآمد نه ڪيو وڃي. عدالت مهاراشٽر حڪومت کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ اجمل قصاب جي ڦاسي جي خلاف درخواست تي منع نامو جاري ڪندي 25 جنوري 2012 کان باقاعده ڪيس ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي اجمل قصاب کي 26 نومبر 2010 تي ممبئي حملن جي الزام ۾ عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن جي توثيق ممبئي هاءِ ڪورٽ هلندڙ سال 21 فيبروري تي ڪئي هئي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button
Close